حيدرآباد ۾ صحافي جو ڀائٽيو دوست سميت واهه ۾ ٻڏي فوت، ٽئين کي بچايو ويو

جُون 11, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڪوٽڙي بئراج وٽ اڪرم واهه ۾ ميڊيڪل جو شاگرد ۽ سندس دوست ٻڏي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻي کي بچايو ويو.

 ٻڌايو پيو وڃي ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو سان الحاقيل بلاول ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ نوجوان اسد الله کهڙو، سندس دوست جنسار منگي ۽ ياسر چنا اڪرم واهه ۾ ٻڏي ويا جن مان ياسر چنا کي واهه جي ڀرسان بيٺل ماڻهن بچائي ورتو.

 اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ٽئي نوجوان گرمي کان بچڻ لاءِ اڪرم واهه ۾ گهڙي هٿ منهن ڌوئي رهيا هئا ته هڪ ڄڻي جو پير ترڪي پيو. کيس ٻڏندي ڏسي ٻئي دوست بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ٻئي ڄڻا ٻڏڻ لڳا ته ٽيون دوست به پاڻي ۾ لهي پيو ۽ کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ٽئي ڄڻا پاڻي جي تيز وهڪري ۾ اڳتي نڪري ويا.

 واهه جي ڀرسان بيٺل ماڻهن ٽنهي نوجوانن کي ٻڏندي ڏسي کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻه ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. ٻڏي فوت ٿي ويلن ۾ 18 سالن اسد الله ولد عطاءُ الله کهڙو ۽ جنسار علي ولد قربان علي منگي شامل آهن. ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان اسد الله کهڙو صحافي نعمت الله کهڙو جو ڀائيٽو ٻڌايو پيو وڃي. ابتدائي طور ريسڪيو 1122 جي ٽيم پهتي جن نوجوانن کي ٽوٻن جي مدد سان واهه مان ڪڍرائي کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندن موت جي تصديق ڪئي.

 واقعي جي اطلاع تي نوجوانن جا وارث اسپتال پهتا ۽ ضروري ڪارروائي بعد مڙهه کڻائي روانا ٿي ويا. فوتي اسد الله کهڙو ڄامشورو ڪالوني ۽ جنسار علي منگي واپڊا ڪالوني ڄامشورو جا رهواسي هئا. جنسار علي منگي جو مڙهه دادو جي علائقي سعدي موساڻي روانو ڪيو ويو. گڏيل ڪيل معلومات مان خبر پئي آهي ته اسد الله کهڙو جي بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي هئي ۽ هو اتي پهرين سال جو شاگرد هو. سندس ڄاڻايل دوستن جي داخلا نه ٿي سگهي هئي ۽ هو ٻيهر امتحان جي تياري ڪري رهيا هئا.

ٽئي دوست گڏجي حيدرآباد لاءِ نڪتا ۽ واٽ تي درياهه جو بئراج گهمندي اڪرم واهه پهتا ۽ هٿ منهن ڌوئڻ دوران ساڻن اهو واقعو پيش آيو. نوجوانن جا مڙهه گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. اهو واقعو حيدرآباد جي ڇلگري پوليس ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو پر پوليس کي به واقعي جو دير سان اطلاع مليو جنهن جي ڪري ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوانن بابت پوليس وٽ به معلومات اڻپوري هئي.

Leave A Comment