| حيدرآباد ۾ عورت تشدد ڪري قتل، گٽر نالي مان لاش هٿ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ عورت تشدد ڪري قتل ڪئي وئي آهي. جنهن جي دلشاد زال طارق طور سڃاڻپ ٿي آهي. خبر موجب حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ گٽر نالي مان 50 ورهين جي عورت جو لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي ايڌي رضاڪارن جي مدد سان لاش سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب عورت جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي. جنهن جي سڃاڻپ دلشاد زال طارق ويٺل پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد طور ٿي آهي. عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.