حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس مختلف علائقن ۾ شهرين سان فراڊ ڪندڙ چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 46 لک رپيا روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
ان سلسلي ۾ اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ايس ايڇ او بلديا اياز ٻگهيو ۽ ٻين ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته مختلف ٿاڻن جي پوليس ڦر ۽ چوري ٿيل 24 موٽرسائيڪلون به هٿ ڪري ورتيون آهن
علينه راڄپر موجب ڀٽائي نگر، نسيم نگر، قاسم آباد ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حدن ۾ ماڻهن کي رقم ٻيڻي ڪري ڏيڻ ۽ ٻين مختلف بهانن سان فراڊ ڪندڙ گروهه جي مک جوابدار سميت انهن قمبر ۽ شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جن ۾ شاهد سولنگي، راجا مغيري، نديم ماڇي ۽ عبدالرحيم پيرزادو شامل آهن
اي ايس پي چيو ته سندن 3 ساٿي اڃا گم آهن جن کي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن ٽن جوابدارن جي قبضي مان کين 34 لک رپيا رقم هٿ آئي آهي، جڏهن ته چوٿين جوابدار عبدالرحيم پيرزادو جي قبضي مان کين 12 لک رپيا مليا
ڄاڻايل جوابدار خلاف سانگهڙ، ڪراچي، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن
پوليس موجب جوابدارن خلاف فراڊ جي حوالي سان بي سيڪشن، ڀٽائي نگر، نسيم نگر ۽ قاسم آباد ٿاڻن تي به ڪيس داخل ٿيل آهن
پريس ڪانفرنس دوران اي ايس پي علينه راڄپر اها به دعويٰ ڪئي ته مختلف ٿاڻن جي پوليس شهرين کان چوري ۽ ڦر ٿيل 34 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون آهن جيڪي پوليس هيڊڪوارٽر ۾ اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن