حيدرآباد ۾ فل فراءِ ٿيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

حيدرآباد ۾ فل فراءِ ٿيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ 23ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محمد عارف قريشي جي گهرڀاتين پوليس جي ظلم خلاف ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب  سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ ان موقعي تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل محمد عارف جي امڙ شميم ۽ زال انساء دانهيندي چيو ته مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس 6ڊسمبر2025تي فجر مهل ڪراچي جي G5 سنڌي هوٽل ڀرسان واقع گهر تي حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او منير عباسي گهر تي چڙهائي ڪري محمد عارف قريشي کي کنڀي حيدرآباد کڻي آئي جڏهن ته موقعي تي ڀرپاسي گهرن تي لڳل ڳجهيون ڪيمرائون به پٽي کڻي آئي ۽ ٻئي ڏينهن 7ڊسمبر 2025تي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو۔ هنن چيو ته عارف پوليس جي ظلم کان حيدرآباد ڇڏي ڪراچي ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ رهي محنت مزدوري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ پالي رهيو هو پوليس ناحق عارف ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري اسان کان اسان جو سهارو ڦري ورتو آهي۔ هنن چيو ته جيڪڏهن عارف جو ڪو ڏوھ هو ته ان تي ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها پر پوليس عارف کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي۔ هنن چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ سوڌو اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جهڙتو پوليس مقابلي هڪ بيگناھ نوجوان کي قتل ڪرڻ جو نوٽس وٺي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪوڙو مقابلو ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.