حيدرآباد ۾ قومي ڪٺ، صدر ڪئنال فيصلو واپس وٺي نه ته استعيفيٰ جو مطالبو ڪبو: ٺهراءُ

مارچ 28, 2025

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ صوفي فورم پاران سنڌ جي ساڃاھه وندن جي مان ۾ افطار پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو ويو. افطار پارٽي کي قومي ڪٺ قرار ڏيئي مختلف ٺھراءُ به منظور ڪيا ويا، ٺھراءُ ۾ چيو ويو ته هي قومي ڪٺ صدر زرداري طرفان سنڌو درياءَ مٿان ڇھن ڪئنالن کي منظور ڪرڻ واري فيصلي کي سنڌي عوام جو معاشي قتل عام قرار ڏيئي مطالبو ٿو ڪري ته صدر زرداري پنھنجي ان ڪيل فيصلي کي واپس وٺي ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام صدر زرداري کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندو. ڪوٺايل قومي ڪٺ کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر درياھ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاھه چيو ته ڪئنالن جي شڪل ۾ هڪ مصيبت آئي آهي، جيتريون اسڪيمون رٿيون پيون وڃن انهن سان وڌيڪ پاڻي چورايو ويندو، وارياسي زمين آباد ٿيڻ لاء سڌي ڪئي پئي وڃي، سليمانڪي تي بلوچستان رٿا 3 سالن ۾ پوري ٿيندي، ڊيم ٺاهڻ لاءِ علائقو خالي ڪرايو پيو وڃي، آئين کي باءِ پاس ڪري 8 جولاءِ تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي منظوري ڏني، جلالپور اڌ ٺهي چڪو آهي انهن تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، سنڌ جو احتجاج رياستي ادارن ۽ آصف زرداري لاءِ غير متوقع هو، صوبن ۽ انهن جي وسيلن تي قبضي جو منصوبو پراڻو آهي. ڪمپني سرڪار وٽ تاريخي حقيقتن کان هٽي پنهنجا خاڪا ٺاهي اڳتي اچي ٿي. 26هين ترميم ذريعي عدالتن کي ڪنٽرول ڪيو ويو. پيڪا ايڪٽ تحت صحافت تي ڪنٽرول ڪيو ويو. اهي سمورا معاملا ايس آءِ ايف سي جو حصو آهن. مارشلا کان هٽي ملڪ کي غير قانونيت تحت هلايو پيو وڃي. اسان کي برابري جي بنياد تي پارليامينٽ جو مطالبو ڪرڻو پوندو. 18 ترميم کان اڳ جا اختيار به کسيا ويا آهن، گرين پاڪستان انيشيٽو تحت زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، اسان کي مسلسل ۽ متحد تحريڪ هلائڻي پوندي. سنڌ آهستي شيون وڃائي رهي آهي، ون پوائنٽ ايجنڊا تي اسان کي ٻين قومن سان به گڏ بيهڻ گهرجي. سنڌ جي تقسيم سنڌ جي ماڻهن روڊن تي اچي بچائي آهي، مونکي يقين آهي ته سنڌ جو ماڻهو ڪئنالن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪندو ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻو آهي. سڀ جماعتون گڏجي ڪئنالن جي منظوري ڏيندڙن کي اڪيلو ڪري. 5 اپريل تي سڪرنڊ کان حيدر چوڪ حيدرآباد تائين ريلي ڪڍنداسين، سڀ ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿين. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌي ماڻهن جي جدوجهد حڪمران جماعت کي احتجاج ۽ مقتدر ڌرين کي پيرين پوڻ تي مجبور ڪيو آهي، سنڌ جي هر ڌر سنڌ جي بقا لاء تحرڪ پئدا ڪيو آهي. سنڌ رمضان ۾ روزا رکيا ۽ سنڌو کي بچائڻ لاء جدوجهد ڪئي. تحريڪ جي نتيجي ۾ ڪارڪن جبري طور گم ڪيا ويا، غدارن کي پادر ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، ڪالا باغ جي مهم هلائيندڙ ن جي گهرن تي توا اسان ٽنگيا هئا، سنڌ حڪمران جماعت خلاف ريفرنڊم ڏنو آهي، پنجاب جي منصوبن جي تڪميل لاء پ پ هميشه موجود رهي آهي. سنڌ مسلسل مزاحمت ڪئي آهي ۽ هي سدائين دوکو ڪندا آيا آهن. وقت جي تقاضا آهي ته اتحاد ۽ تدبر سان جدوجهد کي اڳتي وڌايون. ڪي پي ۾ بيچيني آهي ۽ بلوچستان خون ۾ لت پٿ آهي، سنڌ پاسو بدلائي بغاوت جو اعلان ڪيو آهي، پنجاب سموري تباهي جا ذميوار آهي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پ پ اڄ تائين سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن، پ پ سنڌ نه آهي پر سنڌ اها آهي جيڪا ڪئنالن خلاف رستن تي آهي، سنڌ جو ماڻهو دلي طور پ پ کي قبول ڪرڻ لاء تيار نه آهي، اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين، اسان خاموش نه ويٺا آهيون، اهڙو ماحول ٺهي ته گڏجي جدوجهد ڪريون، 2 اپريل تي 10 ڏينهن ڪراچي ۾بک هڙتال ڪنداسين، جنهن به اتحاد لاء سڏايو ته بنا شرط جي گڏ هونداسين،ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته ڪئنالن جي اڏاوت خلاف جدوجهد جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا، ڪئنالن جي معملي تي غلط بياني ڪئي پئي وڃي، منافقي کي سنڌ جا ماڻهو برداشت نه ڪندي. سنڌ تي 6 ڪئنال سنڌو جو قتل آهي، 6 ڪروڙ ماڻهو سنڌو کي بچائڻ لاء اٿي کڙا ٿيندا.  سنڌ هاري ڪميٽي جي سربراھ ثمر حيدر جتوئي چي ته سنڌ کي چونڊيل نمائندن ۽ وڏيرن نقصان ڏنو آهي، سنڌو اسان جو ساھه آهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌو کي بچائڻ لاء آخري حد تائين وينداسين،هر قرباني لاء تيار آهيون ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته ملڪ جا اڪثر ادارا اڪثريت جي بنياد تي ٺهيل آهن ۽ نالي ۾ هي ملڪ فيڊريشن آهي پر اصل ۾ اهو ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، هن صورتحال ۾ سنڌ کي حق ملڻ مشڪل آهي، پنهل ساريو چيو ته درياءَ جتي ڇوڙ ڪندا آهن اتان جون قومون درياھن جون وارث هونديون آهن، جيترا ڪئنال خطرناڪ آهن اوتري ئي ڪارپوريٽ فارمنگ به خطرناڪ آهي. سموري قوم متحد ٿي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد ڪري،مسلم ليگ اڳواڻ قمرالزمان راڄپر چيو ته ڪجھ قوتون نٿيون چاهين ته هي تحريڪ ڪامياب ٿئي، سنڌ جو اجتماعي شعور متحد ٿئي، سنڌ صوفي فورم ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ڪئنالن جو اشو ڳنڀير اشو آهي،  مير حيدر ٽالپر چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ٿئي پيو انهن جو نالو نٿا وٺون، ڪئنالن جي پٺيان به اهي ئي ماڻهو آهن. هن چيو ته ڪئنالن جي حامي ماڻهن جي حمايت نٿي ڪري سگهجي. امر سنڌو چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ جو موڊ سنڌين کانسواء ٻيو ڪنهنجي جي به سمجھ ۾ نٿو اچي،  سنڌو هڪڙو هماليا کان وهي ٿو ۽ ٻيو سنڌ جي ماڻهن جي وجود ۾ وهي ٿو، سنڌي قوم پنهنجي بقا لاءِ هميشه زندگي ۽ موت جيان بيٺل هوندي آهي، اسان جي نڙي ۽ درياھ تي لت ڏيئي مرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ اوتري ئي سنگيني سان ماڻهوجدوجهد ڪري رهيا آهن. اسان آدم شماري جي معاملي تي ڌڪ کاڌو، هاڻي سنڌو جو معاملو ان کان به وڌيڪ سنگين آهي، قوم ان معاملي تي بيٺي آهي، جيڪو گڏ نه بيهندو اهو تاريخ ۾ لڙھي ويندو، ڪا آل پارٽيز ڪانفرنس ڪيو، قيادت فيصلو ڪري، قوم اوهان سان بيٺل هوندي جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا طاهر مجيد چيو ته سنڌو آهي ته سنڌ آهي، سنڌو ناهي ته سنڌ به ڪانهي، ون يونٽ کانپوء لسٻيلا بلوچستان کي ڏنو ويو، سنڌ کي اصل شڪل ۾ بحال ٿيڻ گهرجي، اسان پنهنجي حق تان هٿ نه کڻنداسين. سنڌ جي حق تي سوديبازي ڪندڙ سنڌي نه آهي، سنڌ جي بقا هر سنڌي کي وڙھڻي پوندي ۽ فاتح به اسان ٿينداسين. جماعت اسلامي گڏ هوندي، تقريب کي   ڊاڪٽر دودو مهيري، ڊاڪٽر بدر چنا، رميش گپتا، پنهل ساريو، قاضي انور، سرمد راڄپر، ستار سرڪي، پي ٽي آءِ جو ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، افضل گجر ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

 

Leave A Comment