حيدرآباد ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو گرفتار، اهلڪار  زخمي

حيدرآباد ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڦورو مارجي ويو، ٻيو گرفتار، اهلڪار  زخمي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ وري مبينا پوليس مقابلو ھڪ ڦورو مارجي ويو.ھڪ پوليس اھلڪار زخمي ھڪ ڦورو گرفتار 5 ڦورو فرار ٿي ويا ڦليليءَ پوليس موجب لطيف آباد 8 نمبر جي رهواسي محمد فيضان چندريگر پوليس کي اطلاع ڏنو ته ڪلاٿ مارڪيٽ وٽ ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار 7 ھٿيار بند ھن کان 55 ھزار روڪ ھڪ ويوو موبائل ۽ ھڪ آء فون موبائيل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي ٽنڊو آغا کين روڪڻ جو اشارو ڪيو ته ھنن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو آصف علي ککراڻي زخمي ٿي جيڪو لاڙڪاڻي جو رھواسي سندس قبضي مان ھڪ پسٽل ڦر ڪيل ويوو موبائل 2 ھزار ۽ موٽر سائيڪل ھٿ آئي جيڪو موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ ساجد ولد علي محمد ڀيو طور ٿي آهي جڏهن ته سندن 5 ساٿي فرار ٿي ويا جن جي سڃاڻپ علي محمد شيخ.نعيم عرف سھيل ڏيپر.غلام سرور مھر راجا شاھاڻي.۽ عبدالرحمان عرف رپورٽر طور ٿي آهي جڏهن ته ڦورن جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب اھلڪار شعيب راجپوت زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي جو فريادي محمد فيضان چندريگر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي