حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، نوجوان هاف فراءِ بعد گرفتار

جُون 6, 2023

حيدرآباد ( بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪرڻ بعد گرفتار ڪري ورتو

پوليس جي دعويٰ آهي ته کٿڙ ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل تي بن شڪي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل جوابدار عبدالستار چانگ کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هن وٽان ٽي ٽي پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment