| حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو: هڪ ڄڻو هاف فراءِ |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾ ساٿي سميت گرفتار ٿي ويو. پوليس موجب ڳجهو اطلاع مليو ته مڪراني ڦاٽڪ وٽ موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا ڏوهه جي نيت سان بيٺل آهن. پوليس پهتي ته انهن فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو ويو. زخمي حالت ۾گرفتار ٿيل جي سڃاڻپ ابو سعيد جي نالي سان ٿي آهي، ان وٽان پسٽل پڻ هٿ ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته ان سان گڏ ٻئي ساٿي کي پڻ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آھي.