حيدرآباد ۾ مقابلو، 2 آئيس ڊيلر جوابدار زخمي حالت ۾گرفتار

حيدرآباد ۾ مقابلو، 2 آئيس ڊيلر جوابدار زخمي حالت ۾گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڦليلي پوليس پاران مبينا مقابلي بعد ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي وئي، سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو،  پوليس جو چوڻ آهي ته فردوس ھوٽل وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن شڪي ماڻھن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته ھنن فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ـ سندن ساٿي موقعي جو فائدو  وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيلن جي حمير ھاليپوٽو ۽ ڪاوش رند طور سڃاڻپ ٿي آھي زخمين کي طبي امداد لاء ايل ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو گرفتار ڪيل ٻئي ڄڻا آئس جا ڊيلر آھن ـ سندن خلاف ڪيس داخل پڻ ٿيل آھن