حيدرآباد ۾ ملازمن جو ڏيڍ سال کان پگهار بند، احتجاج

حيدرآباد ۾ ملازمن جو ڏيڍ سال کان پگهار بند، احتجاج

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ڪانٽيجينسي ايمپلائيز ايڪشن ڪميٽي پاران ڏيڍ سال کان پگھارون نه ملڻ ۽ سندن جڳھ تي ڊي جي پاران پنھنجا من پسند ماڻھو مقرر ڪري انھن کي پگھارون جاري ڪرڻ تي ڊي جي نديم شاهه خلاف احتجاجي مظهارو ڪيو ويو. اڳواڻن امجد علي.شرجيل احمد. پرويز احمد . ڪامران علي ۽ ٻين چيو ته ھو ۽ ٻيا هزارين ملازم گذريل ڪيترن ئي سالن کان اداري جي مختلف شعبن ۾ ڪانٽيجينسي تحت ڪم ڪري رھيان آھن,  پر گذريل ڏيڍ سال کان ڊي جي نديم شاهه پنھنجي من ماني ڪري بغير ڪنهن جواز جي پگھارون بند ڪري ڇڏيون آهن. جنھن ڪري  فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون, جڏھن ته  سندن جاءِ تي نديم شاهه پنھنجا نواز پاليسي اختيار ڪري غيرقانوني طور تي پندرهن سؤ جي لڳ ڀڳ ماڻھو مقرر ڪري انھن کي پگھارون جاري ڪيو آھن.