| حيدرآباد ۾ مليل لاش اجالا جو هجڻ جو شڪ، والدين جا جزا ورتا ويا، اها ٻي نينگري هئي: وارث |
ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي 20 ڏينھن گذرڻ باجود به بازياب نه ٿي سگھي ٻارڙي جي بازيابي لاءِ والدين پاران گھنٽا گھر چوڪ وٽ چوٿين ڏينهن به شاميانا ھڻي احتجاجي ڪئمپ جاري رکي وئي، ڪئمپ تي ٻارڙي جي والدين سميت پرائمري استادن، سياسي، سماجي، واپاري، سول سوسائٽي ٻين تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نينگري جي چاچي سردار سولنگي، پ پ اڳواڻ ميونسپل ڪاميٽي جي چونڊيل ميمبر موندر خان ٻرڙو، عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ وڪيل سعيد پنھور، پ ٽ الف تعلقي ميھڙ جي جنرل سيڪريٽري عبدالصمد ٻگھيو، عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻ وڪيل پنھل کوسو، الاھي بخش سولنگي، ڊاڪٽر عبدالغني سولنگي، رحمت الله سولنگي ۽ ٻين چيو ته ٻارڙي اجالا پروين سولنگي کي مبينا اغوا ٿيندي 20 ڏينھن گذري ويا پر دادو پوليس ٻارڙي جو پتو لڳائي نه سگھي آھي، ھنن چيو ته سنڌ سرڪار توڙي سنڌ پوليس کي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي اغوا وارو معاملو ۽ والدين پاران 20 ڏينھن کان ھلندڙ تحريڪ نظر ڇو نه ٿي اچي؟ هنن چيو ته نينگري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. ٻارڙي جي چاچي سردار سولنگي ٻڌايو ته گذريل ڏينھن حيدرآباد مان هڪ ٻارڙي جو لاش مليو هو، پوليس اجالا جي والدين کي گهرائي جزا ورتا، جسم جي نشانن مان لڳو ته اجالا نه هئي، تنهن ڪري سوشل ميڊيا تي غلط معلومات نه پکيڙي وڃي،والدين لاءِ پريشاني نه وڌائي وڃي.