حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو پنجون صوفي ميلو پڄاڻي تي پهتو، ميلي ۾ فڪري ويهڪن سميت قلندري ڌمال، رقصِ درويشان ۽ صوفياڻي محفل ٿي، ميلي جي آخري ڏهاڙي تي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
صوفي ميلي جي آخري ڏهاڙي تي ”آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دنيا ۾ تصوف جي اهميت“ جي موضوع هيٺ فڪري ويهڪ ٿي جنهن ۾ ڳالهائيندي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منور علي مهيسر چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جي دنيا ۾ تصوف جي سخت ضرورت آهي. بم دنيا جي تباهي آهن
هن چيو ته صوفين جو پيغام امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچارو آهي، صوفي فساد کان نجات ڏياري ٿو. دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ تصوف ئي واحد ذريعو آهي، اسان پنهنجي ڪاوڙ کي ختم ڪري ٻين جي غلطين کي معاف ڪريون اهو ئي تصوف آهي، برداشت ڪرڻ وارا پنهنجي ڪاوڙ تي قابو ۽ ٻئي جي مدد ڪندا آهن
سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ سنڌ اهو واحد خطو آهي جتي اڄ به برداشت ملي ٿي، اسين امن چاهيون ٿا، صوفي ميلو ان جي ڪڙي آهي. تصوف هڪ رويو آهي. هڪٻئي کي برداشت جو نالو ئي تصوف آهي
پروفيسر اظهر شاھه چيو ته تصوف جو بنيادي نظريو کوجنا آهي، تصوف ڄاڻ، علم، شعور، دنيا، آخرت ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جو نالو آهي، فرعونيت مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ تصوف جي وڌيڪ ضرورت ھوندي آهي
زبيده برواڻي چيو ته مذهب ماڻهو تي پابنديون هڻي ٿو پر تصوف پابندي نٿو هڻي، تصوف عشق ۾ ڪنڌ ڪپائڻ سيکاري ٿو
سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ چيو ته انسان کي انسان سمجهڻ جو تصور صرف سنڌ ۾ آهي، صوفين حسين ڪائنات ۾ عشق جو تصور ڏنو، منصور کي پنهنجي اندر ۾، سرمد کي هر خوبصورت شي ۾ ۽ شاهه عنايت کي غريب مخلوق ۾ پالڻهار نظر آيو پر انهن صوفين کي ڪفر جي فتوا ڏئي شهيد ڪيو ويو
ميلي ۾ شاهه لطيف ۽ سچل جون علامتي درگاهون قائم، فنڪار پاران فن جو مظاهرو
صوفي ميلي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جون علامتي درگاهون قائم ڪيون ويون هيون، جن تي صوفي فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا
صوفي ميلي ۾ تصويري نمائش ۽ ڪتابن جا اسٽال به لڳايا ويا
صوفي ميلي ۾ تصويري نمائش، ڪتابن جي اسٽالن ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا هئا
ميلي جي آخري ڏهاڙي فنڪارن پاران سرن ورکا، جھمريون
ميلي جي آخري ڏهاڙي تي سنڌ جي ناميارن فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي. رات دير تائين هلندڙ صوفياڻي محفل ۾ شريڪ ماڻهو جهمريون هڻي رقص ڪندا رهيا