| حيدرآباد ۾ ناري جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، آپگهات چوٻول |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ 20 ورھين جي ناريءَ جو گھر مان ڦاھو لڳل لاش ھٿ آيوـ خودڪشي جا چوٻول ھلي رھيا آھن اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو پوليس موجب ناري جي 20 ورھين جي اقرا بيگم طور سڃاڻپ ٿي آھي. اقرا بيگم گھر جي ڪمري اندر ڇت ۾ لڳل پکي ۾ ڦاھو وجھي آپگھات ڪيو آھي. ناري گھريلو تڪرار سبب انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي آھي ـ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا