| حيدرآباد ۾ نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڦليليءَ ٿاڻي حد اسلام آباد ڦاٽڪ وٽ 25 سالن جي نوجوان رضا غوري جو لاش ھٿ آيو آهي پوليس موجب سيني ۾ گولي لڳل نوجوان جو لاش سندس گھر جي ڇت تان مليو آهي جنهن کي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي جي شروعاتي جاچ ھلي رھي آھي.