هالا ناڪي کان کيسانا موري تائين پيپلز بس هلندي:ايپ ذريعي سيٽ بڪ ٿيندي

جُون 20, 2023

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) شهري هاڻي موبائل فون ذريعي پيپلز بس سروس جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي سگهندا، ٽرانسپورٽ کاتي ايپ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ 22 جون کان پيپلز بس سروس جي ايپ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ڪراچي ۾ شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي ۽ اين آر ٽي سي عملدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، سي اي او ٽرانس ڪراچي طفيل پليجو شريڪ ٿيا

اجلاس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پي ايس بي صهيب احمد ۽ پيپلز بس سروس جي آپريشنل مئنيجر عبدالشڪور آرائين پڻ شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ پيپلز بس سروس کي انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم ۽ آن لائن سسٽم سان ڳنڍڻ جو فيصلو  ڪيو ويو

پيپلز بس سروس جي ايپ ذريعي شهري آساني سان گاڏي جي لوڪيشن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، ايپ ذريعي مسافر آن لائن بڪنگ، رستن، ڀاڙن ۽ ٻين ضروري شين بابت معلومات حاصل ڪري سگھندا

شهري ايپ ذريعي پنهنجي شڪايتون اعليٰ اختيارين تائين سڌي ريت پھچائي سگھندا، انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم تحت گاڏين جي نگراني ڪئي ويندي، گاڏين ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون به لڳايون وينديون، گاڏين ۾ آڊيو سسٽم، يو ايس بي پورٽ، وائي فائي ڪميونيڪيشن سسٽم، ڊرائيور الارم به لڳايو ويندو

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اليڪٽرڪ بسن جي چارجرز جو مسئلو اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي

اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته 20 آگسٽ تائين 20 گرين بسون پاڪستان پهچنديون ۽ پيپلز بس سروس جو حصو بڻجي وينديون

اجلاس ۾ حيدرآباد ۾ هالا ناڪا کان کيسانا موري تائين پيپلز بس سروس هلائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس هلائڻ بابت وڌيڪ سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص جي ٻھراڙي وارن علائقن کي پيپلز بس سروس ذريعي شهري علائقن سان ڳنڍيو ويندو ۽ ان حوالي سان منصوبا پڻ شروع ڪيا ويندا

Leave A Comment