حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار نقلي کاڄري آئل ۽ صابڻ ٺاھڻ جون فيڪٽريون قائم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي
شھرين جي شڪايتن تي ضلعي انتظاميا هوسڙي واري علائقي ۾ ڇاپو ھڻي نقلي آئل ٺاھيندڙ ھڪ فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته مقامي ماڻھن پاران فيڪٽري قائم ٿيڻ کانپوءِ
علائقي ۾ بدبوءَ پکڙجڻ تي ڊي سي کي شڪايت ڪندي ٻڌايو ته فيڪٽري ۾ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار نقلي آئل ٺاھڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ مري ويل يا ذبح ٿيندڙ ڪڪڙين جا آنڊا ۽ ٻيو ڪچرو آندو وڃي ٿو
جنھن مان نقلي آئل ۽ صابڻ تيار ڪيو وڃي ٿو. آئل جي تياري دوران جڏهن فيڪٽري هلائي وڃي ٿي ته سڄي علائقي ۾ بدبوءِ ۽ غلاظت جي آزار سبب ماڻهون موذي مرضن ۾ وٺجي ويا آهن
اھڙين شڪايتن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو جي ھدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد شائسته منور لطيف آباد تعلقي ۾ ڄاڻايل فيڪٽري تي ڇاپو ھڻي فيڪٽري کي سيل ڪيو ۽ اتي موجود 3 ماڻھن کي گرفتار پڻ ڪرايو آهي
جڏهن ته مالڪ ڪاروائي وقت موجود نه هو. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شائسته منور جو چوڻ آھي ته ڄاڻايل فيڪٽري ۾ ناقص ۽ انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار کاڄرو آئل تيار ڪيو ويندو ھو
جيڪو انساني صحت لاءِ خطرناڪ آھي، اھڙي آئل جي استعمال سان شھري بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا ھئا، ان ڪري هن فيڪٽري تي ڇاپو ھڻي فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو آھي