حيدرآباد ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 2 آرٽس ڪائونسلون قائم، اصلي ۽ نقلي ڪهڙي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

جُون 5, 2023

حيدرآباد (پنهنجي ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻه آرٽس ڪائونسلون قائم، اصلي ڪهڙي، نقلي ڪهڙي؟ مبارڪون ڪنهن کي ڏجن؟ سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان بحث هلي رهيو آهي

نياز پنهور ٻن پوسٽن جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته حيدرآباد ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻه آرٽس ڪائونسلون قائم، اصلي ڪهڙي ؟نقلي ڪهڙي ؟مبارڪون ڪنهن کي ڏجن، جنهن تي مصطفيٰ اياز مهيري لکيو ته بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ بدين ضلعي ۾ پنج پنج پريس ڪلبز آھن، استاد خالد لکيو ته اهو ته ڀلو ڪم آهي، 2 آرٽس ڪائونسلون هونديون ته ٻئي گروپ پنهنجي پنهنجي نموني سان آرٽ جي خدمت ڪندا، امين ارباب لکيو ته صحافين جون سئو تنظيمون ٺهي سگهن ٿيون ته پوءِ هنن تنظيمن جو به ڀلي پيو انگ وڌي پاڻ کي ڇاهي، لال سنگهه سوڍو لکيو ته جنهن کي ثقافت کاتو پئسا ڏي انهي کي اصلي سمجهو، وزير لغاري لکيو ته انو سولنگي واري صحيح آھي آرٽ ڪائونسل، راجا انور لکيو ته ڊاڪٽر اسحاق سميجو کي حيدرآباد آرٽ ڪائونسل جو صدر ٿيڻ جون لک لک واڌايون ڏجن ٿيون

آغا ظفر خان لکيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان حيدراباد جو پيج گذريل سال چار ڊسمبر تي فيس بوڪ تي ٺاهيو ويو هو، ٻي ڌر ڪالهه سامهون آئي آهي ۽ پنهنجي آرٽسٽن گذريل سال سيپٽمبر ۾ رجسٽريشن اپلاءِ ڪيو ويو هو، اسحاق نه حيدرآباد جو آهي نه ئي آرٽسٽ، سرڪاري عهدو به اٿس اهو ڪيئن آرٽس ڪائونسل جو سربراهه ٿي سگهي ٿو؟

ونود ميگهواڙ لکيو ته جيئن ادبي سنگت ٻه  ٿي ويون ته ڪائونسلون به ٻه هجڻ گهرجن جيئن هر شهر  2-3 پريس ڪلب آهن، واحد ڪانڌڙو لکيو ته ٽئين آرٽ ڪائونسل به ٺهڻ گهرجي، ڊاڪٽر آصف ميمڻ لکيو ته  اهي ٽين ۽ چوٿين آهن، ان کان اڳ ٻه ٺهيل آهن، ڪجهه وقت انتظار ڪريو ته انهن جا دعويدار به سامهون ايندا

مختيار علي لنڊ لکيو ته ٻي ته خبر ناھي پر ڪجھه ڏينھن اڳ سولنگي تمام بھترين سنڌ جي آرٽيسٽن تي وڏيون پوسٽون پي لکيون پر اڄ خبر پئي ته ھن کي آرٽ ڪاونسل کولڻي هئي، اھو نقلي ئي آھي، اصغر باغي لکيو ته رجسٽرڊ آرٽ ڪاؤنسل کي بنا جهجهڪ جي تسليم ڪيو وڃي جيئن ٻي جڳاڙي جي رستا روڪ ٿي سگهي

خليل سنڌي لکيو ته اصلي نقلي جي هاڻي ليب قائم ڪجي پوءِ ان جي ٽيسٽ ڪجي خبر پئي ته اصلي ڪهڙي آهي، مهيش ڪمار لکيو ته ٻنھي کي ڪم ڪرڻ ڏيو،.جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪن گڏجي ڪم ڪن،.حيدرآباد ۾ متحرڪ آرٽ ڪائونسل جي ضرورت آهي . جھيڙو ڇا جو آهي ؟ گڏيل طور ميمبرشپ ڪري اليڪشن ڪرائي وڃي، نصير چنا لکيو ته پاڻ ۾ ٺهي هلن، امر سنڌو لکيو ته ٻي ڪھڙي؟؟.مون ھڪڙي جي خبر پڙھي، ايوب گل لکيو ته جيڪڏھن دوست گڏ ويهي حل ڪڍن ته بهتر آھي. آرٽس ڪئونسل هڪ هجڻ گهرجي. سنڌ ادبي سنگت وارو ڪم نه هجي ته بهتر آهي، منصور کوکر لکيو ته سنڌ جي شاعرن اديبن، صحافين ۽ فنڪار لڏي جو وڏو الميو اهو ئي آهي

ناشاد رضوان لکيو ته اسحاق سميجي، جامي، نصير  سميت اهل علم ماڻهن پاران جوڙيل ادارو هڪ لاڀائتو قدم هوندو، حسن مسرت لکيو ته  ھڪ جي خبر پڙھي هئي ٻي وري ڪھڙي۽ ڪٿي ٺھي ؟؟ مرتضيٰ مجبور لکيو ته سڀني کي مبارڪون هجن، ايڊووڪيٽ محمد علي ڪلهوڙو لکيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان حيدرآباد سنڌ سرڪار جو ھڪ بھترين قدم آھي. جنھن جو مقصد آرٽ ۽ ادب کي پروموٽ ڪرڻ آھي، پر ان ۾ جيڪا باڊي بند ڪمري ۾ ويھي ٺاھي وئي آھي اھا ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، شوڪت چاچڙ لکيو ته اصل يا نقل جو بحث ناهي نه ئي ان ۾ سنڌ سرڪار جو عمل دخل آهي هڪ نئين اداري جو قيام ٿيو آهي

انو سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٿوري وضاحت، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان حيدرآباد

نومبر 2022 ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ پيپر جمع ڪيا ويا، جنهن جي پوسٽ ڊسمبر 2022 ۾ فيس بڪ تي شيئر ڪئي وئي، جلد خبر پئي ته ڪجھه ٻيا دوست به رجسٽريشن لاءِ سرگرم ٿي چڪا آھن، ھر ڪنهن کي آزادي آھي ڪير به ڪنهن کي ڪنهن ڪم کان روڪي ته نٿو سگھي، خير مان ۽ آغا ظفر مسلسل محنت ۽ ڪوشش سان پنھنجو ڪم جاري رکندا آياسين ۽ اسان رجسٽريشن جي مرحلن کي منهن ڏيندا رھياسين، ان دوران حيدرآباد جي آرٽسٽن، فنڪارن ۽ قلمڪارن سان ان ڪم بابت صلاح مشورا ڪندا رھياسين، خير سان اسان پنهنجي رجسٽريشن جي مرحلن کي طئي ڪندي ان پوزيشن ۾ اچي ويا آھيون ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان حيدرآباد جي ميمبرشپ ڪري سڀني دوستن کي بغير ڪنهن ٻولي، رنگ، نسل جي متڀيد ۽ تضاد جي گڏ کڻي ھلون، ميمبرشپ لاءِ رابطو ڪيو وڃي

اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حبيب سنائي لکيو ته جيڪا ڪائونسل ڪالھه کان سرگرم ٿي آھي ان ۾ اوهان جو نالو ئي ڪونھي ڇا اھا ٻي آھي ؟ علي محمد رونجهو لکيو ته ڀلا حيدرآباد ۾ آرٽ ڪائونسل جا 2 يونٽ کلندا، ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکيو ته اوهان گهڻي محنت ڪري ادارو قائم ڪيو آهي، ثاقب ابڙو مبارڪون ڏنيون ۽ سنگر مرڪ محبوب علي به ساراهه ڪئي، عرفان عالماڻي، پارس رياض، راحيل جوکيو، شبير سيال، پروين موسيٰ، نور سنڌي، دانش منظور ٿهيم، سرمد اياز ۽ ٻين به پوسٽ تي ردعمل ڏنو.

اسحاق سميجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي گورننگ باڊي جي پهرين باقاعدي گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي صدارت ۾ ٿي گذري،  ان بعد آرٽس ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجي رجسٽريشن جي مرحلن ۽ آرٽس ڪائونسل جي قانوني حيثيت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته هيءَ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جي سجاڳ، روشن خيال ۽ اڳ ئي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ شهرت ۽ سڃاڻپ رکندڙ  تخليقي ماڻهن جو  گڏيل پليٽ فارم آهي، آرٽس ڪائونسل جو حصو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون ۽ ان لاءِ  رابطي ڪاري سميت ضروري اپاءَ ورتا پيا وڃن

Leave A Comment