| حيدرآباد ۾ ويگو ماڻهن مٿان چڙهي وئي، 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، 8 زخمي، گاڏي کي باهه، پوليس تي پٿراءَ |
حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيدرآباد ۾ اسرا اسپتال سامهون ملڪ پيٽرول پمپ وٽ تيز رفتار ويگو گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ تي پنڌ ويندڙ ماڻهن، موٽر سائيڪل ۽ ٻين گاڏين سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ۽ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.مڇريل ماڻھن ڪاوڙ ۾ اچي ويگو گاڏي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ويگو گاڏي جوڊرائيور فرار ٿي ويو مڇريل ماڻھن جوڪاوڙ ۾ پوليس تي به پٿراء ڪيوويو پوليس واقعي واري ھنڌ تي پھچي لٺبازي ڪري حالتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو پوليس ۽ اسپتال ذريعن موجب فوتين ۾ 24 ورهين جو احسن ولد عبدالمجيد ۽ 20 ورهين جو راول ولد رمیش شامل آهن. زخمين ۾ سون ولد نور محمد (25 سال)، زاهده زوجه نور محمد (58 سال)، فيضان ولد نور محمد (27 سال)، هريش ولد هرجي مل (17 سال)، شڪر دين ولد رؤف (13 سال) ۽ بشير ولد اول خان (33 سال) شامل آهن، جن کي فوري طور ريسڪيو 1122 ۽ ٻين امدادي ٽيمن سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.حادثي کانپوءِ علائقي ۾ سخت افرا تفري پکڙجي وئي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا. واقعي تي ڪاوڙيل ماڻهن ويگو گاڏي تي پٿراءُ ڪري سخت ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پوءِ گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. مشتعل ماڻهن ريسڪيو 1122 جي ٽيمن ۽ پوليس تي پڻ پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿي وئي.