حيدرآباد ۾ ٻن نينگرين سان وحشي جوابدارن پاران جنسي زيادتي، 2 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد ۾ ٻن نينگرين سان وحشي جوابدارن پاران جنسي زيادتي، 2 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٻن علائقن ۾ ٻن معصوم نياڻين سان وحشي جوابدارن پاران زيادتي ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، ٻئي جوابدار گرفتار ڪيا ويا تفصيل موجب پٻڻ پوسٽ جي ڳوٺ ابو القاسم ٿيٻو ۾ 9 سالن جي نياڻي اقراءَ کي وحشي جوابدار سليمان ولد ايوب ٿيٻو مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدار جي گرفتاري بعد ٻارڙي جي اسپتال مان طبي چڪاس بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پنڃاري ٿاڻي جي حد ۾ 13 سالن جي نياڻي حانيا ولد زاھد خان سان واقعو پيش آيو جنهن ۾ ملوث جوابدار ابو بڪر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته معصوم نياڻين کي حوس جو نشانو بڻائيندڙ معاشري جو ناسور آھن جن کي عبرتناڪ انجام تائين رسايو ويندو.