حيدرآباد ( بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽائون چيئرمين جي چونڊ دوران پ پ ۽ پي تي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو، هڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو
پريٽ آباد ٽائون جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ دوران پي ٽي آءِ ۽ پ پ جا ڪارڪن پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ هڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو
جهيري دوران پي ٽي آءِ ڊويزن جو صدر خاوند بخش جهيجو ٽائون چيئرمين جي اميدوار سميت کسڪي ويو
پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي جي اطلاع تي ايس پي هيڊ ڪوارٽر جي سربراهي ۾ پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو
پ پ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارن اڳرائي ڪئي مجبور ٿي جيالن پنهنجو بچاءُ ڪيو جڏهن ته پي ٽي آءِ قيادت جو چوڻ آهي ته پ پ وارن ڌانڌلي ڪرڻ لاءِ ماحول خراب ڪيو