| حيدرآباد ۾ پوليس جا شڪي مقابلا وڌي ويا: 1 ڄڻو فل فراءِ، 2 زخمي حالت ۾گرفتار |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس گردي ٻِيهر مبينا جڙتو مقابلا تيز ٿي ويا، مختلف ٿاڻن جي حد ۾ 3 مقابلا هڪ ڄڻو مارجي ويو. 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب حيدرآباد ۾ مارڪيٽ پوليس ٻڪرا پڙي شيدي پاڙي وٽ هڪ جوابدار عارف عرف ڀورا قريشي کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي. پوليس موجب ته جوابدار ساٿي سميت پوليس تي فائرنگ ڪئي، جيڪو جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي. سندس مٿان 24 ڪيس داخل هئا، جڏهن ته ڄاڻايل جوابدار کي اڳ ۾ پوليس 2 ڀيرا زخمي ڪري چڪي آهي. سندس وارثن سول اسپتال ۾ پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سندن نوجوان ڀورا کي ڪراچي مان گرفتار ڪري آئي هئي. جنهن کي ڪوڙي مقابلي ۾ پوليس ماري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مڪي شاهه پوليس رضا نالي نوجوان کي پڻ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جيڪو ٽنڊو الهيار جو رهواسي ٻڌايو ويو آهي. ساڳئي وقت راهوڪي پوليس لاڙڪاڻي واسي جوابدار اصغر علي شاهه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي. پوليس موجب ته مارجي ويل ۽ زخمي جوابدار ڏوهاري هئا.