| حيدرآباد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو، 2 فرار |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلو ـ ھڪ ڄڻو مارجي ويو ـ سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويو بي سيڪشن پوليس گذريل ڏينهن گاڏي چوري واقعي ۾ ملوث گوجرانوالا واسي جوابدار محمد سليم راجپوت کي ڪنڊيارو باءِ پاس تان گرفتار ڪيو ھو پوليس موجب گرفتار جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته سندس ساٿي عبدالشڪور ۽ عمران عرف ماني لنڪ روڊ وٽ ھڪ جاءِ۾ موجود آھن گرفتار جوابدار کي کڻي نشاندھي واري جاءِ تي پھتاسين ته ٻنھي ڄڻن مٿن فايرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گرفتار جوابدار محمد سليم پنهنجي ئي ساٿين جي گولي لڳڻ ڪري مارجي ويو، ٻئي جوابدار عبدالشڪور عرف شڪوري ۽ عمران عرف ماني ويٺل سيالڪوٽ موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا