حيدرآباد ۾ پڃاري واهه ۾لڙهي ويل نينگر جو لاش هٿ اچي ويو

جُولاءِ 8, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي مهر علي هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسي نينگر جو هوسڙي جي علائقي نانگو موري وٽ ۾ پڃاري واهه مان لاش مليو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ 12 سالن جي محمد عمر پٽ حسين راجپوت جي نالي سان ٿي آهي جيڪو هڪ ڏينهن اڳ پڃاري واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿيو هو.

سندس ٻڏڻ بابت وارثن ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏنو جن لاش جي ڳولا شروع ڪئي هئي. پوليس موجب لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • صالح پٽ ڀرسان جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي

  • دادو ۾ عورت سان 3 جوابدارن جي اجتماعي لڄالٽ

  • لاڙڪاڻو: مبينا حملي ۾ مارجي ويلن جي وارث عورت جو احتجاج