| حيدرآباد ۾ ڊينگي کي ٻنجو نه آيو، وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب اڄ هڪ وڌيڪ شهري فوت ٿي ويو، فوتين جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي، لطيف آباد نمبر 11 جو رهواسي اصغر عرف ڀورا خانگي اسپتال ۾ ڊينگي سبب فوت ٿي ويو آهي، اصغر عرف ڀورا گذريل هڪ هفتي کان اسرا اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل هو حيدر آباد ۾ هن وقت تائين ڊينگي سبب فوتين جو انگ وڌي 39 ٿي ويو آهي.