حيدرآباد ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هلندڙ 81 اسڪيمون غيرقانوني هجڻ جو انڪشاف

مارچ 19, 2024

 حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيدرآباد جي چئني تعلقن ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هلندڙ 81 اسڪيمون غيرقانوني طور هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن خلاف ايڇ ڊي اي جي شعبي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پاران ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد جي چئني تعلقن حيدرآباد شهر، قاسم آباد، ٻهراڙي ۽ لطيف آباد ۾ 81 هائوسنگ اسڪيمون اهڙيون آهن جن اسڪيمن جي منظوري ايڇ ڊي اي کان نه ورتي آهي جن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 اهڙين اسڪيمن ۾ حيدرآباد ٻهراڙي جي 57، لطيف آباد جي 14، قاسم آباد جي 4 ۽ حيدرآباد سٽي جون 6 اسڪيمون شامل  آهن

  ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ اصغر ميمڻ ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته ڪا به اسڪيم شروع ڪرڻ کان اڳ ان جي منظوري ايڇ ڊي اي کان وٺي ساڍا 12 سيڪڙو رقم جمع ڪرائڻي هوندي آهي جنهن کانپوءِ ايڪسٽرنل ڊولپمينٽ چارجز، ڊيمارڪيشن پلان به منظور ڪرايو ويندو آهي

 هن ٻڌايو ته جيڪا به هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيندي آهي ان تي 36 مهينن جي اين او سي پڻ جاري ڪئي ويندي آهي پر سڄي ضلعي ۾ 81 اسڪيمون اهڙيون آهن جيڪي غيرقانوني طور تي هلي رهيون آهن جن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون

Leave A Comment