حيدرآباد ۾ 4 لاوارث لاش هٿ، ايڌي رضاڪارن حوالي

حيدرآباد ۾ 4 لاوارث لاش هٿ، ايڌي رضاڪارن حوالي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن جي حدن مان پاڻي ۾ ٻڏل لاش سميت 4 لاوارث لاش هٿ آيا آهن  مارڪيٽ پوليس کي ٽنڊو  ولي محمد انجمن ھال وٽ مارڪيٽ پوليس کي 40 سالن جو لاوارث لاش مليو جيڪو ايڌي رضاڪارن معرفت سول اسپتال رسايو حالي روڊ پوليس کي رينجرز فلور ملز وٽان نامعلوم لاش مليو آهي جنهن جي سڃاڻپ اڪرم ولد انور عمر 28 سال ٻڌائي پئي وڃي سيري پوليس کي 40 سالن جي نامعلوم شخص جي لاش ملي جنهن کي ايڌي رضاڪارن ڪفن غسل ڏئي دفنائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ريلوي اسٽيشن حيدرآباد وٽان ھڪ ھيروئني جي لاش ملي جنهن کي به ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو