حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مين پڙي، گٽڪو ۽ جوا ڇو نه ٿا روڪرايو، ايس ايس پي 6 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻن منشين جي هڪ
هڪ سال سروس گهٽائي ڇڏي آهي. ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي سماجي براين کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي مڪي شاهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او ابراهيم بوزدار
ڦليلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او شير محمد سانگي، ٻڍاڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او مبارڪ لاشاري، حالي روڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله ٻگهيو، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او نجم الدين نظاماڻي
۽ ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار هاليپوٽو جي هڪ هڪ سال سروس گهٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙي ريت ساجد امير سدوزئي حالي روڊ ٿاڻي جي وڏي منشي اشرف پنهور ۽ بي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر وڏي منشي شاهه پسند کوسو جي به هڪ هڪ سال سروس گهٽائي ڇڏي آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ٿاڻن جي حدن ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي جو وڪرو ۽ واهپو عروج تي جاري هئڻ ۽ جوا توڙي سٽي جا اڏا هلڻ تي شهرين پاران ايس ايس پي کي شڪايتون ڏنيون ويون هيون ۽ شڪايتن بعد ايس ايس پي لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ هيڊ محررز خلاف ڪارروائي ڪندي
کين سزا طور رڳو سروس گهٽائي ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ايس ايڇ اوز بااثر هئڻ سبب ايس ايس پي کين نه ئي ٿاڻي تان هٽائي سگهي ٿو ۽ نه وري هو بدلي ٿيندا ان ڪري ساجد امير سدوزئي سندن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪندي هڪ هڪ سال سروس گهٽائي ڇڏي آهي