تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

حيرتناڪ عقيدن جي دنيا … منظور ھاليپوٽو

انسان ڌرتي تي اچڻ سان ئي پنهنجا نظريا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ انسانن سندس ڏسيل نظرين کي بنا سوچ ويچار جي ايترو قبول ڪيو جو اڳٿي ھلي اهي عقيدا بڻجي ويا انھن عقيدن مان کوڙ عقيدا اڄ بـ قائم آهن. انسان پنھنجي ٿيل نقصانن جا سبب ڳولڻ لاءِ وڏي سوچ ويچار ڪندي مختلف تحقيقون ڪيون آھن ايتري قدر سال جي مھينن کي به بخش ناھي ڪيو
صفر مھنيي بابت: صفر مھيني کي بدنصيب نڀاڳ جو نالو ڏنو آھي ماڻهن جو خيال آھي صفر مھيني ۾ اڪثر فوتگيون ۽ مصيبتون اينديون آھن ان ڪري صفر مھيني ۾ شادي ۽ ٻيون خوشيون ڪرڻ پسند نـ ڪندا آھن، ڪي عورتون صفر مھيني جي آخر ۾ صفر برو صفر برو چئي ڀٿين تي لٺيون ھڻنديون آھن.
جوتن ۽ سفر بابت: مشاھدن ۾ انسان پنهنجي وک وک تي نظر رکي آھي جيڪڏهن ڪنهن شخص جو جوتو سندس ئي جوتي مٿان چڙھي پوندو آهي ته چوندا آهن ڪنهن ڪم سانگي ڊگھي سفر تي وڃڻو پوندس.
پويان کان سڏ ڪرڻ:جيڪڏهن ڪومرد ماڻھو ڪنهن ڪم ڪار سانگي گھر کان ٻاھر طرف وڃي رھيو آھي ان کي پويان کان سڏ نـ ڪجي خيال آهي پويان کان سڏ ڪرڻ سان ڪم نـ ٿيندو اها نڀاڳ جي نشاني آھي.
ھڏڪي: انسان پنهنجي ساھن کي بـ مشاھدن کان پري ناھي رکيو جيڪڏهن ڪنهن کي ھڏڪي لڳندي آھي چوندا آھن ڪنھن ياد ڪيو اٿس پوءِ اھو شخص نڪ بند ڪري ست ڍڪ پاڻي جا پيئندو آھي ھرھڪ ڍڪ سان ھڪ ھڪ نالو وٺندو آ ھي عمل تيستائين ڪيو ويندو آھي جيستائين ھڏڪي نـ لھي ۽ سمجھندو آهي جيڪو آخري نالو ورتو آھي ان مونکي ياد ڪيو هو.
اوڌر: انسان پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪافي مشاھدا ڪيا آھن دنيا ۾ اوڌر جو نظام ڪو نئون تـ ناھي پر اڪثر دڪاندار صبح سان اوڌر ناھن ڏيندا توڙي جو ھي رواج ختم ٿي وڃڻ باوجود اوڌر ڏيڻ پسند نـ ڪندا آھن سندن خيال آھي صبح سان اوڌر ڏيڻ سان سڄو ڏينهن ڪاروبار ٺپ رھندو.
پھريون گراھڪ: جيڪڏهن پھريون گراھڪ اگهھ ۾ نـ ٺھندو تـ بـ دڪاندار خريد واري رقم يا ان کان بـ گھٽ رقم ۾ سامان وڪرو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آھي سندن خيال موجب جيڪڏهن پھريون گراھڪ واپس موٽي ويو تـ سمورو ڏھاڙو ڪاروبار نـ ٿيندو .
لوڻ: ڪي دڪاندار اڪثر رات جو لوڻ پيسن تي بـ ڏيڻ پسند نه ڪندا آھن چوندا آھن نيمڪ آهي رات جو وري ڪيئن ڏيون .
بيماريون:انسان عقيدن ۾ جٿي زندگي جي ھر ھڪ پھلو کي شامل ڪيو آهي اتي عقيدن ۾ بيمارين کي پڻ شامل ڪيو آھي ڳوٺن ۾ ڪنھن کي واري جو بخار ٿيندو تـ چوندا ڦلاڻو ماڻهو نوڙيون پڙھي وڻ ۾ ٻڌندو ته بخار لهي ويندو، ان قسم جو ھڪ وڻ ٽلٽي لڳ بخاري درگاھ تي پڻ موجود آھي جنھن ۾ ماڻھو بخار ٻڌي ويندا ھئا اھڙي طرح ارڙي جي بيماري جو علاج ڪرائڻ جي اجازت نـ ھوندي ھئي وڏڙن جو چوڻ ھو تـ ارڙي علاج تي چڙندي آھي ان لاءِ علاج نـ ڪجي ۽ جنھن ماڻھو کي غسل واجب ھجي اھو غسل ڪرڻ کان اڳ ارڙي واري ماڻھو جي سامھون نـ اچي ٻي صورت ۾ بيماري چڙي پوندي، آڳاٽي زماني يعني اڄ کان ٽيھارو سال اڳ بـ جيڪڏهن ٻار کي دست يا الٽي جي بيماري مسلسل ٿيندي رھي تـ ان جو بسترو کڻي شام جي وقت گھٽي ۾ ڦٽو ڪندا ھئا بسترو مال جي لتاڙڻ سان اھا بيماري ختم ٿي ويندي جيڪڏهن ٻار کي بخار نـ ڇڏيندو ھو تـ ٻار کي وھنجاري پوءِ مڇرداڻي کي ٻار جي بستري ۾ ويڙھي ماءُ يا ناني ڏاڏي چوندي ھئي مھري منھنجي ٻار جو بخار وٺ!
اطلاعات جا عضوا: انسان عقيدن تجربن کي اطلاعن ۽ رابطن جي ذريعن ۾ پڻ شامل ڪيو آھي مثال جيڪڏهن ماني کائڻ دوران گرھ ڪري پيو تـ سمجھيو ويندو آھي مھمان اچڻ وارو آھي ۽ جيڪڏهن ساڄي اک ڦڙڪي تـ خير جي خبر ۽ کاٻي اک ڦڙڪي تـ ڪا بري خبر ملڻ جو اشارو سمجھيو ويندو آھي.
برسات، گھوٽ ڪنوار ۽ چاقو: جيڪڏهن ڪنھن جي شادي جي ڏھاڙن ۾ لڳاتار مينھن وسندو آهي ته چوندا آھن گھوٽ ڏوئي چٽي ھوندي ان ڪري مينهن وسيو آهي پوءِ گھوٽ جي ماءُ کي ابتا ڪپڙا پارايا ويندا آهن تـ جيئن مينهن بند ٿئي اسان وٽ اڃا تائين ڇوڪرن کي عورتون منع ڪنديون آھن ڏوئي نـ چٽجان شادي ۾ مينھن وسندئي! گھوٽ ڪنوار جي رسمن ۾ کير بچايو ويندو آھي اھو کير ڪنواري ماڻھو کي پيارڻ لاءِ چيو ويندو آھي سندن عقيدو آھي تـ بچيل کير پيئڻ سان ڪنوارن جي جلد شادي ٿي ويندي پر ھي ھڪ نفسياتي عمل آھي جنھن کي شادي جي جلد ھجي اھو کير پئي تـ جيئن سندس مائٽن تائين پيغام پھچي وڃي. ٻيو ڪنوار رخصتي کان اڳ آخري دفعو جڏھن وھنجي ۽ آخري ڪنوار واري ميندي ڪنھن ٿانو ۾ وجھي واھه، درياھ يا ڍنڍ توڙي سمنڊ ۾ ھاري ڇڏجي خاص ڪري وھندڙ پاڻي ۾ اڇلائجي ٻي صورت ۾ ڪنھن کي ان پاڻي جي پوسل مان مٽي يا ميندي دشمن کي ھٿ اچي وئي اھا مٽي باھه ۾ وجھندا تـ ڪنوار جا پير تپندا ساھرن جي گھر ۾ ويھي نـ سگھندي . ونواھ دوران ڪنوار سان گڏ ڇري رکي ويندي آھي ۽ شادي واري رات گھوٽ جيسين ٻاھر سنگتين مائٽن سان گڏ ھجي ان کي چاقو ڏنو ويندو آھي سندن عقيدو آھي ونواھ ۾ غيبات جنات عورت تي حملو ڪري سگھي ٿي ڇري ڏسي جنات نـ ايندي.
نڀاڳو ماڻهو :وڻ ٽڻ تـ ڇا پر انسان کي به نڀاڳو قرار پڻ ڏنو ويو آھي جيڪڏهن ڪو ڪم نـ ٿيو پوءِ سڄو ڏينھن پيو سوچيندو رستي ۾ نڪرڻ مھل پھرين جيڪو منهن ۾ مليو سو پڪ نڀاڳو هو ڪم نـ ٿيندو جيڪڏهن اھو ماڻھو ھڪ اڌ دفعا ٻئي ماڻھو کي منھن نه پئي انھن جو ڪم نـ ٿيو پوءِ اھو منھن ۾ پوندڙ شخص نڀاڳ جي نالي تي نامزد ٿي بدنام ٿي ويندو آھي.
چريو ڌاتورو : چريو ڌاتورو ھڪ جھنگلي ٻوٽي آھي جيڪا دوائن ٺاھڻ ۾ ڪم ايندي آھي ھن ٻوٽي ۾ نشو پڻ آھي ھن ٻوٽي لاءِ کوڙ ڏند ڪٿائون آھن چوندا آھن ھن جي پٽڻ کان اڳ اوھان جيڪو بـ عمل ڪندا پوءِ پٽي ڪنھن ماڻھو کي پياريندا تـ اھو ماڻھو ساڳيو نقل ڪندو مثال اوھان ننگا ٿي پوءِ پٽي ان شخص کي پياريندو تـ پيئڻ وارو شخص پيئڻ بعد جلد ننگو ٿي بيھي رھندو.
چنڊ گرھڻ: انسان عقيدن تجربن ۾ چنڊ تائين وڃي پھتو آھي جيڪڏهن چنڊ گرھڻ ٿيندو آھي تـ حاملا عورتون چنڊ گرھڻ ختم ٿيڻ تائين سڌيون ستيون پيون ھونديون آھن سندن خيال آھي تـ جيڪڏهن چر پر ڪنديون تـ ٻار کي چنڊ گرھڻ يعني پوليو يا فالج ٿي پوندو .
ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ ختم ٿيڻ:جيڪڏهن ڪنھن کي ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ آھي يعني ھڪڙ آھي تـ مھيني جي پھرين آچر تي ڳوٺ يا پاڙي جي وڏي گھراڻي ۾ وڃي ۽ جڏھن وڏو ماني جو پھريون گرھه کڻي تـ رڙ ڪري چوي اھو مونکي ڏيو جيڪڏهن رڙ ڪري چئي ويس تـ ھٻڪ ختم ٿي ويندس.
اولاد نـ ٿيڻ بابت: جيڪڏهن ڪنھن عورت کي اولاد نـ ٿئي تـ ٻيڙي مان نڪتل ڪوڪن مان ڪڙي ٺھرائي پير ۾ پائجي تـ ان کي اولاد ٿي ويندو اڄ بـ اسان جي پراڻي پاتڻي اميرالبحر چاچا سومر ملاح کان ماڻھو پراڻا ڪوڪا وٺڻ ايندا آھن ان مان پير جون ڪڙيون ٺھرائيندا آھن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *