حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو پاران بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪارروايون ڪري 18 ڏينهن دوران هڪ ارب 88 ڪروڙ 13 لک رپيا
رهتن جي ادائگي ۾ وصول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته هيستائين بجلي چورن خلاف 908 ليٽر ٿاڻن حوالي ڪيا ويا آهن ته جيئن سندن خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهجن
جڏهن ته پوليس ريجن جي مختلف علائقن ۾ قائم ٿاڻن تي هيستائين 317 ڪيس داخل ڪري 31 جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي
ترجمان دعويٰ ڪئي ته ريجن ۾ ڪاررواين دوران غيرقانوني لڳل بجلي جي 900 ٽرانسفارمرز جا ڪنيڪشن ڪاٽي 157 ٽرانسفارمرز تحويل ۾ وٺي لاڳاپيل آفيسن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن ۽ آپريشن وارو سلسلو جاري آهي