پنجاب جو اڳوڻو گورنر عمرسرفراز چيمه اينٽي ڪرپشن ٽيم هٿان لاهور مان گرفتار
مَي 8, 2023
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻو گورنر عمر سرفراز چيما کي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم لاهور مان گرفتار ڪري ورتو، اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي ڪرپشن جي الزام هيٺ سندس رهائش گاهه تان حراست ۾ ورتو ويو، پي ٽي آءِ سان واڳيل پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما تي اختيار اورانگهڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عمر سرفراز چيما کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو پر هو اينٽي ڪرپشن ٽيم آڏو پيش نه ٿيو