ڪو زمانو هو، جڏهن سنڌ کي امن جو ديس سمجھيو ويندو ھو، پر ھاڻي ان جي سڃاڻپ ھڪ اھڙي ڌرتيءَ واري وڃي رھي آھي، جتي نه قانون جي حڪمراني آهي، نه رياست جو وجود، ۽ نه ئي حڪمرانن کي ڪا پرواهه آهي. هر طرف خونريزي، اغوا، ڦرلٽ، قبيلائي دهشتگردي ۽ هٿياربند جٿن جي حڪمراني آهي. ماڻهو پنهنجن ئي گهرن ۾ غيرمحفوظ آهن. روڊن تي رھزني جاري آهي، ٻهراڙين ۾ بندوقون ڳالهائي رهيون آهن، ۽ شهرن ۾ خوف راڄ ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اها حالت به حڪمراني سڏبي آهي ته پوءِ انارڪي ڇا ٿيندي؟
رياست مڪمل طور تي غائب آهي. پوليس ٿاڻا ڏوهارين جا ٺڪاڻا بڻجي چڪا آهن، جتي انصاف بدران ذلت ملي ٿي. انصاف جا ادارا بازارون بڻيل آھن، جتان ھر فيصلو سڪا رائج الوقت عيوض خريد ڪري سگھجي ٿو. حڪمران محلن ۾ ويهي بيان ڏين ٿا، جڏهن ته سرزمين تي قانون جو جنازو نڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ اڄ قانون رڳو ڪمزور لاءِ آهي، طاقتور لاءِ هر ڏوهه جائز بڻجي ويو آهي. ڀنگ خاطر اغوا هڪ منظم صنعت بڻجي چڪي آهي. قبيلائي ڀوتار، سياسي سرپرستي هيٺ، ماڻهن کي محڪوم بڻائي ويٺا آهن. سوين بيگناهه ماڻهو قبيلائي دھشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن، پر رياست صرف تماشو ڏسي رهي آهي. ڇا حڪمرانن جو ڪم لاش ڳڻڻ آهي يا ماڻهن کي بچائڻ؟
هي رياست جي مڪمل ناڪاميءَ جو ثبوت آهي ته ماڻهو اڄ ڏوهارين جي دور کي به ياد ڪري چون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ اتي ڪو حساب ڪتاب هوندو هو. جڏهن جگا گجر “جگا ٽيڪس” وٺندو هو، تڏهن به هو پنهنجي علائقي ۾ تحفظ فراهم ڪندو هو. اها ڳالهه ڪنهن ڏوهاري جي واکاڻ نه پر رياست لاءِ هڪ ڌڪ آهي. اڄ رياست ٽيڪس ته وصول ڪري ٿي، پر ان جي بدلي ۾ ماڻهن کي ڇا ڏئي ٿي؟ نه تحفظ، نه انصاف، نه عزت. ٽيڪس ڏيندڙ شهري قتل ٿين ٿا، اغوا ٿين ٿا، اھي يا نه ڀنگ ڀري آزاد ٿين ٿا، يا وري سندن لاش ملن ٿا. حڪمرانن لاءِ سنڌ رڳو ووٽن جي مارڪيٽ آهي، جتي چونڊن کان اڳ واعدا ٿين ٿا ۽ چونڊن کان پوءِ وساري ڇڏيو وڃي ٿو. بندوقون قانون کان مٿانهيون ٿي چڪيون آهن. ڪارو ڪاري، ذاتي دشمنيون، ۽ سرداري نظام رياست جي ڪمزوريءَ سبب وڌيڪ سگهارو ٿي ويو آهي. هي ڪا حادثاتي صورتحال ناهي، اهي هڪ سوچيل سمجهيل رٿابنديءَ سان پيدا ڪيل حالتون آهن.هاڻي سوال صاف آهي: جيڪڏهن حڪمران امن مهيا نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ سندن حڪمراني جو ڪهڙو جواز آهي؟ سنڌ جا ماڻهو هاڻي بيانن، ڪميٽين ۽ ڊائلاگن سان مطمئن نه ٿيندا. سنڌ وڌيڪ لاشن جي متحمل نٿي ٿي سگهي.
سنڌ اڄ جنهن حالت مان گذري رهي آهي، اها رڳو هڪ صوبي جي ناڪامي نه پر رياست جي مڪمل اخلاقي، انتظامي ۽ قانوني ڏيوالپڻي جو اظهار آهي. قبيلائي دهشتگردي ۽ ڀوتارڪي حڪمراني سنڌ جي سماجي ڍانچي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. اڄ رياست ٽيڪس ته باقاعدي وصول ڪري ٿي، پر ان جي عيوض شهرين کي ڇا ملي ٿو؟ نه تحفظ، نه انصاف، نه امن. هي رڳو امن امان جو مسئلو ناهي، هي سماجي بقا جو سوال آهي. جيڪڏهن اڄ به رياست پنھنجي ذميواري پوري نه ڪئي، جيڪڏهن اڄ به حڪمران نه جاڳيا، جيڪڏهن قانون کي طاقت نه ڏني وئي، قاڻون جي عملداري قائم نه ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن انصاف کي يقيني نه بڻايو ويو، ته اڄ، روانڊا جي راھن تي ھلايل سنڌ سڀاڻي مڪمل انتشار جو شڪار ٿي سگهي ٿي. حڪمراني کي دلپشوري سمجھندڙ سنڌ جي بادشاهه سلامتن کي اھو سمجهڻ گهرجي ته بيانن ۽ سياسي نعريبازي سان حالتون نٿيون سنڀالي سگھجن. ان لاءِ دعوائن کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻڻ پوندا. عوام ھاڻي صبر ۽ وڃائي چڪو آھي. اھو نه وسارڻ گھرجي ته عوام جي ٻانھن ۾ اڃان به ڇٽ، پٽن سان ھڻڻ جيترو ٻل موجود آهي.