ملڪ ۾ 15 لک ٻار رات جو بکئي پيٽ سمھن ٿا. يونيسيف جي رپورٽ بند اکيون کولڻ لاء ڪافي آھي. پر حڪمرانن جون اکيون نہ کليون. حڪمران رڳو عوام کي پٽڻ کوھڻ ۾ لڳل آھن. جيئن ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ بہ چيو آھي: “وطن پرستيءَ جو جذبو ھميشہ اشرافيا جي مفاد ۾ ھوندو آھي. حڪمران طبقو …عوام کان قربانيون گھري ٿو.” جڏھن تہ حڪمران عھديدار پنھنجي ۽ باقي اميرن ڪبيرن جي مراعتن ۾ پارليامنٽ کي استعمال ڪندي وڏي واڌ ڪندا رھن ٿا. ان طرح گھڻيون ئي حقيقتون آھن جن مان ثابت ٿي رھيو آھي تہ سرمائيدارن جا عيوضي حڪمران غربت جو شڪار عام ماڻھن سان ڪو سروڪار نہ ٿا رکن. انھن مان ھڪ ھيء آھي تہ تيل جا اگھ ھڪ ڀيرو وري وڌايا ويا آھن.
حڪمران آءِ ايم ايف جي حڪم تي جنوري 2026 کان 200 ارب رپين جون نيون ٽيڪسز لڳائڻ جي رٿا ٺاهيو ويٺا آھن. بجيٽ ٽارگيٽ پورا ڪرڻ لاء لينڊ لائن ۽ موبائل فون، سولر پينلن، مٺايون ۽ بسڪٽن تي نيون ٽيڪسز لڳائڻ سان ھيٺئين وچولي طبقي ۽ غريب ماڻھو تي خراب اثر پوندو. سالياني بجيٽ بہ حڪمران عوام کي نوان سور ڏيڻ لاء آڻيندا آھن پر ھاڻي آءِ ايم ايف کي شھباز شريف ڪابينا خاطري ڪرائي آھي تہ نئين سال کان 200 ارب رپين جو تمام وڏو بار عوام تي وڌو ويندو. يعني جون واري سالياني بجيٽ جي ٺيڪ ڇھن مھينن بعد مني بجيٽ. اھي لڳاتار حملا آھن جيڪي غريب ماڻھن تي ڪيا پيا وڃن، اھي غريب ماڻھو جن جي تعداد ۾ انھن ڏينھن ۾ انڪري وڏي واڌ ٿيندي جو انھيء مني بجيٽ سان گڏ عوام تي جي ٻيا بہ حملا ٿيندا، تن جي ڪري ھيٺئين وچولي طبقي جو ھڪ وڏو حصو ھيٺ ڪري پوندو يعني غريب ٿي ويندو.
حڪمران عهديدارن جا بس ٻہ ڪم آھن. پرڏيھي دورن ۽ افتتاحن جا ڊراما ڪرڻ ۽ عوام خلاف فيصلا ڪرڻ. عجيب ڳالھ آھي تہ ھڪ طرف حڪمرانن جون دعوائون آھن تہ کين بين الاقوامي محاذ تي وڏيون ڪاميابيون مليون آھن ۽ امريڪي صدر ٽرمپ شھباز شريف ۽ آرمي چيف کي عظيم ماڻھو ٿو سڏي پر ان جي اصل معاشي ٽيم آءِ ايم ايف پاڪستان تي جيئن پوء تيئن وڌيڪ دٻاء ٿي وجھي، جنھن سبب پاڪستان جي سرڪار ھر پندرھين ڏينھن يا مھيني ۾ تيل جي قيمت وڌائي ٿي، ڪڏھن تہ وري مني بجيٽ جھڙو فيصلو ٿي ڪري.
پ پ بہ جمھوري سيٽ اپ کي بچائڻ جو بھانو ڪري نون ليگين جو ساٿ ڏيندي ٿي رھي ۽ مفاھمت جي ٽياس تي عوام جو حق ٽنگي ٿي ڇڏي. ھيء نھايت عجيب ڳالھ آھي تہ پ پ پنھنجي دشمن نواز شريف، نون ليگ، ان جي ساٿارين، ويندي آمريت جي نھايت نشانبر باقيات سان مفاھمت ۽ مصلحت جا واھڙ وھايا پر ھاڻوڪي قيادت واري پ پ ڪڏھن عوام سان ڪا مفاھمت نہ ڪئي، جنھن ڏھاڪن جا ڏھاڪا پ پ جو ساٿ ڏنون بلڪ ان کي سرڪاري ايوانن تائين پھچايو. پ پ جي اها رٽ لڳي پئي آھي ته ليگي حڪومت کي خدا حافظ ڪيوسين تہ بس پوءِ جمھوريت بدران اونداھي ٿي ويندي. پر هاڻي ضمني چونڊ کانپوءِ نواز ليگ جي پ پ تي ڀاڙڻ جي مجبوري به ختم ٿي وئي آهي.
سياست طبقاتي ٿيندي آھي. امير ڪڏھن بہ غريب جو نہ ٿو ٿي سگھي. محنت ڪش ماڻھن جي سياسي ڪئمپ ۾ اڄ جي دور ۾ پيسي وارا تہ پري، وچولو طبقو بہ نہ ٿو اچي سگھي. ھتي وچولو طبقو رڳو پارٽي پارٽي کيڏي ٿو. پارٽي ٺاھڻ لاء بس ان جو نالو، ۽ پوء ھڪڙي پريس ڪانفرنس ڪافي آھي. اھا راند بہ ھاڻي عام ماڻھن کي مايوس ڪري رھي آھي. ڪارل مارڪس ڪجھ ھن قسم جي ڳالھ ڪئي آھي تہ پورهيتن جا مسئلا پاڻ پورھيت ئي حل ڪري سگھن ٿا. مٿيون طبقو توڙي وچولو طبقو نه.
ھتي تہ انقلاب جا اڀ ڏار نعرا ھڻندڙ ڪي سرخا پاڻ سرمائيدارن جا ڪم ڪار ڪندا پيا وتن. اسان وٽ اھڙي ئي سياست سبب عام ماڻھو يا سچو ڪارڪن سياست کان مايوس ٿي ويھي رھيو آھي. ملڪي سياست ۾ ھڪڙن روايتي ليڊرن کي ھر ٻچو ٻار ڌوڪيبازن طور سڃاڻي پر ھن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو دوکو پي ٽي آءِ آھي. قيدي نمبر 804 بہ حڪمرانن لاء جيتوڻيڪ مٿي جو سور آھي پر ھنن کي ذري بہ پرواھ ناھي جو ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي کي قيديءَ سان ملاقات نہ ڪرڻ ڏنائون. تازو سندس مذھبي اتحادي پارٽيء تي پابندي ھنئين وئي آھي. تہ بنا ڪنھن دير جي ان جا ڏکڻ پنجاب جا ڪي ٽڪيٽ ھولڊر ان کان لاتعلقي ڪري ويا آھن. جيئن پي ٽي آءِ جي اصل ۽ وڏي ڪھاڻي آھي.
ھتان جا وس وارا انتھا پسند گروھن کي پالي نپائي مچائي مواڙ ڪري پوء انھن کي ڪچلڻ جو ٽاسڪ ھٿ ۾ کڻندا آھن. پي ٽي آءِ کي ھنن پروجيڪٽ ڪيو، ٻين سياسي پارٽين، خاص طور پ پ خلاف لٺ ۽ چٺ سميت ڪيئي حربا استعمال ڪري پنجاب مان انھيء جا ٿڏا پٽرايا. پ پ جيتوڻيڪ وڌيڪ جانين جون قربانيون نہ ڏيڻ جي سوچ جو اظھار ڪري مختلف گروھن، ان حد تائين جو مافيائن سان مفاھمت ڪئي. پر اھا پنجاب ۾ انھيء جي پنھنجي، ڪنھن حد تائين عوامي سياست جي قرباني ھئي. پر جيئن تہ گھٽ ۾ گھٽ نون ليگ جي ڀيٽ ۾ پ پ وٽ ڪجھ سياسي ذھن آھن انھيء ڪري ھنن بعد ۾ وجھ وٺي پنجاب ۾ وري بہ ڪجھ قلعا فتح ڪري ورتا آھن. ھن پنھنجي مخصوص سياست سان سنڌ تي ھولڊ رکيو آھي.
مجموعي طور سنڌ مان سياسي شعور گھٽبو پيو وڃي.عالمي بئنڪ سميت عالمي سامراجي ادارن ضيا دور بعد ملڪي حڪمرانن کي ھي رستو ڏيکاريو ۽ ان مقصد لاء امداد بہ ڏني تہ اين جي اوز سميت اھڙا پروجيڪٽ ھلايو جيئن سنڌ جا ماڻھو خاص طور نوجوان شخصي توڙي گروھي مفاد پرستي ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پون. ھاڻي ھتي عام اھا ذھنيت آھي تہ “چولو چني، آس پني”.