حڪمرانن ماس پٽي ڇڏيو، هڏين جو سرمو پيا ٺاهين: مرتضيٰ جتوئي

ڀرياسٽي (ن پ ا) نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته حڪمرانن عوام جو گوشت پٽي ڇڏيو آهي، هاڻ هڏين جو سرمو ٺاهڻ جا جتن پياڪن، مهانگي پيٽرول ۽ ڊيزل عوام جو متيون منجهائي ڇڏيون آهن، سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، حڪمران پئسا وٺي پوسٽون ورهائيندا ته امن ڪيئن ٿيندو؟ ڳوٺ الله ورايو وسطڙو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اربين رپيا خرچڻ باوجود شفاف اليڪشن نٿي ٿئي ته تباھي کانسواءِ  ڪجهه  نه بچندو. ننڍي چونڊ ته وري ڍونگ آهي، هن چيو ته عوام جو جمهوريت ۽  اليڪشنن تان اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي، هن چيو ته سنڌ کي  هٿ وٺي تباهه ڪري 50 سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي، ايندڙ حڪومت کي گند  صاف ڪرڻ ۾ 10سال لڳندا.