| حڪمران ايترو ظلم ڪن، جيڪو پاڻ سهي سگهن: مسرور جتوئي |
نوشهروفيروز/ مورو: نيشنل پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر مسرور جتوئي چيو آهي ته پ پ وارا سياسي انتقام تي لهي آيا آهن، هاڻي ڪوبه ماڻهو اسان کي آجياڻو يا دعوت ڏئي ته انهي جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو وڃي ٿو يا وري سندن پراپرٽي کي قبضو ڄاڻائي ڊاٺو وڃي ٿو، اها ڪهڙي سياست آهي؟ جو مخالفن کي برداشت نه پيو ڪيو وڃي، ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته غلام حيدر مري اسان جو پراڻو ساٿي ۽ اين پي پي جو شهيد بينظير آباد جو ڊويزنل صدر آهي، سندس وڏن سان اسان جي وڏن جو تعلق رهيو، هن چيو ته غلام حيدرمري تازو اين پي پي سربراهه جو پروگرام ڪيو، جنهن تي سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪو غلط عمل آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪمران انهي ڏينهن کان ڊڄن، جڏهن سندن حڪومت ويندي، اهي غريب ماڻهن تي ايترو ظلم ڪن، جيڪو اها پاڻ سهي سگهن، هن چيو ته حڪمران ماڻهن کي جيترو روڪيندا، عوام اسان کي اوترو وڌيڪ چاهيندو، هن چيو ته ضياءِ لنجار 2013 کان 2018 تائين سيٽ نه کٽي سگهيو، 2024 ۾ ايڊوانس ۾50 هزار ووٽ دٻن ۾ وجهرائي ڌانڌلي ڪرائي سيٽ حاصل ڪئي، سنڌ جا ماڻهو ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ذريعي شڪست ڏيندا