| حڪمران جنگ بهاني عوام جي معاشي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن: اياز لطيف |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته گڏيل حڪومت کي عوام جو ڪو احساس ناھي. سنڌ کي نيلام گھر بنايو ويو آھي. پيپلز پارٽي وسيلا وڪڻي حڪومت خريد ڪئي آھي. ھاري، مزدور، پورھيت ھڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. ھن چيو ته جنگ کي بھانو بنائي حڪمران عوام جي معاشي ڦرلٽ ڪري رھيا آھن. بزنس ٽائيڪون کان ٽيڪس نٿو وصول ڪيو وڃي. وزيرن جون شاھي خرچيون بند نٿيون ڪيون وڃن. حڪمران ۽ بيوروڪريٽ مفت جو تيل استعمال ڪن ٿا. باقي عوام لاءِ تيل مھانگو، بجلي مھانگي، گئس مھانگو، تعليم مھانگي، صحت مھانگي، انصاف ناممڪن بنايو ويو آھي.