| حڪمران عوام کان جيئڻ جو حق به ڦري رهيا آهن: عوامي تحريڪ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌي عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق به ڦري ورتو آهي. سنڌ ۾ روزاني ماڻهو بي دردي سان قتل ڪيا وڃن ٿا، انهن جو ڪو به داد فرياد نٿو ٿئي ۽ پوءِ انهن قتلن جا عدالتن کان مٿانهان جرڳا ڪرايا وڃن ٿا. هنن چيو ته وڏيرا ۽ سردار جرڳن ۾ پوليس خرچ لاءِ لکين روپيا وصول ڪن ٿا. ان جو تازو مثال ٽيون ڏينهن رستم ويجهو هڪ عورت جي قتل جو ڳجهه ڳوهه ۾ جرڳو ڪيو ويو، ان جرڳي ۾ پوليس خرچ لاءِ 14 لک روپيا مقرر ڪيا ويا. جرڳن سبب عوام جو انصاف جي نظام تان ويساهه کڄي ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ بدامني کي ڄاڻي واڻي وڌايو ويو آهي، پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي. سنڌ کي مڪمل طور لاقانونيت ۽ بدامني جي اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي.