حڪمران مدرسن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ته بل معاف ڪن: جي يو آءِ

حڪمران مدرسن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ته بل معاف ڪن: جي يو آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته حڪمران جيڪڏهن واقعي ديني ادارن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ مسجدن جا بل معاف ڪري ڇڏين. هن چيو ته عمران خان سان ڪو ذاتي تڪرار نه هو، اختلاف صرف حڪومتي پاليسين سان هو. اسلم غوري چيو ته حڪمران گرم زمين تي پير نه رکن، نه ته انهن جا پير سڙي ويندا. هن چيو ته 27هين ترميم سان متفقه آئين کي تڪراري بڻايو ويو آهي. ننڍن صوبن ۽ جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا 27هين ترميم جي منظوري ملڪ ٽوڙڻ برابر آهي. پنهنجي حرڪتن کان دستبردار ٿيو، نه ته شايد حڪومت قربان به ڪرڻي پئجي وڃي. جمعيت علماءِ اسلام جو رستو سازشن سان روڪيو پيو وڃي.