حڪمران ڪمزور آھن سنڌي عوام ناانصافيون برداشت نه ڪري حقن لاءِ نڪري اچي: اياز لطيف

حڪمران ڪمزور آھن سنڌي عوام ناانصافيون برداشت نه ڪري حقن لاءِ نڪري اچي: اياز لطيف

ڪڙيوگھنور(ن پ ا) ڪڙيو گھنور شھر جي الرحمان هال ۾  سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ھاري ڪانفرنس ۽ شهيد فاضل  جي ياد يومِِ فاضل جلسو ٿيو جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. سنڌي هاري تحريڪ قومي عوامي تحريڪ  طرفان   ٿيندڙ  جلسي عام ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿي، صدارت ھاري تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري ڪئي. ڪانفرنس ۾ ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، گيانچند مھيشوري، انور نوحاڻي، پنھل سولنگي، امام علي شاھ، سانول گوپانگ، حسين درس، الطاف خاصخيلي، شوڪت نوحاڻي، محمود رخشاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. ڪڙيو گھنور پھچڻ تي شھرين، واپارين، ھارين، آبادگارن سميت ھزارين ماڻھن اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ، جنھن کان پوءِ کيس الرحمان ھال نيو ويو، جتي جلسه عام ٿيو. اياز لطيف پليجي ھاري ڪانفرنس ۾ ھاري تحريڪ جي عھديدارن کي حلف کڻايو. جنھن ۾ صدر ڪرڙ ريٻاري، سيئنر نائب صدر حبيڀ الله پليجو، نائب صدر اسماعيل مھيري، نائب صدر گل حسن برھماڻي، جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري يوسف لاشاري، جوائنٽ سيڪريٽري جلال بجير، رابطا سيڪريٽري ڪمال شر، خزانچي نواب الله ڏاهري، پريس سڪريٽري رازو مل ڪولھي، جڏھن ته ميمبرن ۾ سرور گاجاڻي، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، نادر لغاري، شوجي ڪولھي، گورڌن ميگهواڙ، حضور بخش ڏاهري، اسماعيل مهيري، صديق اوٺو، اسد ٻڌ، رمضان رند شامل آھن. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته دنيا جي جن علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ تيل ۽ گئس ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي پر افسوس بدين ضلعي وٽ سمنڊ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود ھتان جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون برداشت نه ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاھي ھا ته سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطرناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ست ڪروڙ سنڌي پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جي خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد فاضل راهو سنڌ جو سگھارو آواز ھو. سندس جدوجهد جي ڪري ھو تاريخ ۾ سدائين زندھ رھندو. شھيد فاضل راھو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو. قومي عوامي تحريڪ سندس واٽ تي ھلي پاڻي، درياھ تي ڌاڙي، مظلوم عوام سان ظلم ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجھد ڪري رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد فاضل راهو سدائين مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد جو درس ڏنو. فاضل راهو ھر ڪاري رات خلاف وڙهندي پنهنجي زندگي گذاري. هو گولاڙچي جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو ، فاضل راهو وڏيون تحريڪون ۽ جدوجهدون ڪيون. سنڌي ھاري تحريڪ جي نئين چونڊيل  مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، عبدالله چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيه احمداڻي، گيانچند مھيشوري، سانول گوپانگ، حسين درس سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ سونهن گوپانگ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.