حڪمرا ن چور دروازي کان آيا:  جعلي اسيمبليون ختم ڪريو: راشد سومرو

حڪمرا ن چور دروازي کان آيا:  جعلي اسيمبليون ختم ڪريو: راشد سومرو

ڪنڊيارو(ن پ ا) جي يو آءَ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته عالم امن ڪانفرنس ۲۰۲۷ع سکر کي ڪامياب ڪرڻ لاء ھر ڪارڪن تياري ڪري، جميعت علماءِ اسلام ڪڏھن به ڪا سودي بازي نه ڪئي آهي  ۽ نه ڪندي، ڪالهه  پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪمران چور دروازي کان آيل آهن، جيڪي عوام جو رت چوسي رهيا آهن پ پ جا وزير ارب پتي ٿي ويا آھن ھن چيو ته موجوده حڪومت کي مليل مينڊيٽ  کي جي يو آءِ ڪنھن به صورت ۾ تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهي، اسان جعلي اسيمبليون ختم ڪرڻ جي گھر ڪريون ٿا، هن چيو ته  جي يو آءِ جي ڊي اي جو حصو ناهي سيد راشد شاھ جي متحرڪ ٿيڻ تي سندس لاء نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو،