حڪومتي اتحاد ۾ ڏار، جي يو آءِ جون راهون جدا، فيصلا ايوان نه ميدان ۾ ٿيندا: فضل الرحمان

فيبروري 15, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌليءَ تي نتيجا رد ڪندي اپوزيشن ۾ ويهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عامله جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي مجلس عامله چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. چونڊن ۾ ڌانڌلي 2018ع جي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي شفاف چونڊن جي بيان کي رد ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي چڪي آهي. لڳي ٿو ته هاڻي فيصلا ايوان ۾ نه پر ميدان ۾ ٿيندا. پارليامينٽ ۾ شرڪت احتجاج سان گڏ ٿيندي. جي يو آءِ پارلياماني ڪردار ادا ڪندي پر اسيمبلين ۾ شرڪت خدشن سان گڏ ٿيندي. هن چيو ته 25 فيبروري تي بلوچستان ۾ صوبائي جنرل ڪونسل جي ميٽنگ ٿيندي. 27 فيبروري تي خيبرپختونخوا ۾ صوبائي جنرل ڪونسل، 3 مارچ ڪراچي، 4 مارچ لاهور ۾ به ميٽنگ ڪنداسين. اسان جي مرڪزي مجلس عامله مجلس عمومي ۾ فيصلا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. مجلس عمومي فيصلو ڪندي ته پارليامينٽ ۾ ويهڻ گهرجي يا نه ويهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ کي ڌانڌليءَ جي ذريعي شڪست ڏني وئي. اسان جو ڏوهه اهو آهي ته آمريڪا ۽ مغربي دنيا لاءِ جي يو آءِ قابل قبول ناهي. اسان پيپلز پارٽي يا ن ليگ ڪنهن جي تابعدار ناهيون. ڪنهن پارٽي جا اتحادي ناهيون. پارليامينٽ ۾ خدشن سان گڏ وينداسين. اسان تي جيڪا گذري آهي اسان علائقن ۾ نه وڃي سگهندا هئاسين. اسان جي ڪا ڳالهه نه ٻڌي وئي. هاڻي اسان به ڪا ڳالهه نه ٻڌنداسين. مولانا فضل الرحمان ن ليگ کي مخالف ڌر ۾ ويهڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان تڪڙ ۾ ميدان ۾ ناهيون آهيان. اسان تياري ڪئي آهي. اسيمبلين ۽ چونڊ نتيجن متعلق اسان جو موقف واضع طور تي اچي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو مخالف ڌر ۾ ويهون. اليڪشن ڪميشن جو ڪردار شڪي رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن اسان جي اميدوارن کي نوٽيس ڏيڻ کان بنا ئي درخواست رد ڪري رهي آهي. فضل الرحمان چيو ته اسان جا تحريڪ انصاف سان اختلاف رهيا آهن. ايوان سڀني جو هوندو آهي. اسان کي انهن جي جسمن سان ڪو مسئلو ناهي. انهن جي دماغن سان مسئلو آهي اُهي ٺيڪ ٿي ويندا. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته ڌانڌلي ٿي آهي ته گڏ اچو. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته ڌانڌلي ناهي ٿي اهو ويهي رهي ۽ عياشيون ڪري. جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڪارڪن تحريڪ لاءِ تيار رهن. ڪجهه کي پئسن جي بدلي پوري جي پوري اسيمبلي عطا ڪئي وئي. پشاور ۾ چوٿين، پنجين نمبر تي هڪ افغان کي ڪامياب ڪرايو ويو. اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ يرغمال رهيو. پارليامينٽ پنهنجي اهميت وڃائي رهي آهي ۽ جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سياست تان هٿ کڻي ته اسان جي سِر جو تاج آهي، سياست ڪندا ته سياست ۾ ئي جواب ڏنو ويندو. هوڏانهن فضل الرحمان نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته روڊن تي ايندا ته پوءِ حڪومت نه هلندي واري سوال تي فضل الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن يرغمال آهي، اليڪشن کي رد ڪيو آهي، خدا ڪري هي حڪومت نه هلي، اسان چاهيون ٿا ته هي اهڙيون حڪومتون نه هلن، آءِ ايم ايف وٽ وڃن يا ڪو ٻيو چيلنج هجي مون کي ان سان ڪو فرق نٿو پوي، اسان تحريڪ هلائينداسين، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ڪنهن هڪ نظريي تي گڏ ٿين ته ڪهڙو حرج آهي،  هڪ سوال تي فضل الرحمان چيو ته چوڌري شجاعت واري اسان کي دعوت نه هئي، نواز شريف يا آصف زرداري رابطو ناهي ڪيو، حڪومت ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، ڪهڙي به آڇ ڪن حڪومت ۾ نه ويهنداسين، آئون زرداري وانگر ناهيان مون وٽ پئسا ناهن، مون کي پارليامينٽ ۾ ڇو اچڻ گهرجي، آئون ته سڀني سان گڏ هلڻ وارو هوندو آهيان، مون کي هنن ايترو مايوس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي سچائي جو مزاق اڏايو آهي، اسان هنن جي مزاق لاءِ پيدا ٿيا آهيون، سڌا ٿي وڃن نه ته ميدان تي هونداسين، ٿي سگهي ٿو ته کٽيل سيٽن تان به هٿ کڻي وڃون.

Leave A Comment