حڪومتي دعوائون ڌوڙ: سنڌ ۾ 12 کان 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، ڊسڪوز کان شيڊيول طلب: فراهمي بهتر ٿي ويندي: توانائي وزير

حڪومتي دعوائون ڌوڙ: سنڌ ۾ 12 کان 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، ڊسڪوز کان شيڊيول طلب: فراهمي بهتر ٿي ويندي: توانائي وزير

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ بجلي جي 12 کان 21 ڪلاڪن تائين پهچي وئي، رپورٽن موجب لاڙڪاڻو شهر جي مک علائقن ۾ 8 ڪلاڪن ۽ مختلف محلن ۾ 12  ڪلاڪ، ماتلي شھر ۾ 16 ڪلاڪ، راڄوخاناڻي ۾ 12 ڪلاڪ،ڪڙيو گهنور ۾ 16 ڪلاڪ، نوابشاهه ۾ 14 ڪلاڪ، دوڙ شھر ۾14 ڪلاڪ، ٻانڌي ۾ 16 ڪلاڪ،سانگهڙشهر جي ايڪسپريس لائن تي چار ڪلاڪ، ٻين لائنن تي 14کان 16 ڪلاڪ، چوٽياريون ۽ آس پاس 17 ڪلاڪ، نئون آباد شهر ۾ 12 ڪلاڪ، ٽنڊوآدم ۽ آسپاس 14 کان 18 ڪلاڪ، ورڪشاپ ۾ 8 ڪلاڪ، عادلپور ۾  6 ڪلاڪ، قمبر شهر ۽ گاجي کھاوڙ ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ، گمبٽ شهر ۾ 10 ڪلاڪ، ٽنڊومستي ۾ 15 ڪلاڪ، پڪاچانگ ۽ آس پاس 18 ڪلاڪ، ٽنڊو محمد خان ۾ 15کان 16 ڪلاڪ، بلڙي شاه ڪريم ۾ 12 ڪلاڪ، ٽنڊوالهيار شهر جي علاوه ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي 12 کان 14 ڪلاڪ، دادو ۾ 12 کان 18 ڪلاڪ، ٻهراڙي ۾ 19 کان 21 ڪلاڪ، ڪڪڙ شھر ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ ۽ ميھڙ شھر ۽ آس پاس 14 کان 16 ڪلاڪ بجلي جي بند رھي ٿي. سيوھڻ ۾ 10 ڪلاڪ، ميرپورخاص شهر ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ، ڪنڊيارو ۾ 18 ڪلاڪ، جنگشاهي شهر ۾ 20 ڪلاڪ، رستم ۽ محمود آباغ ۾ ايڪسپريس بجلي باوجود 6 ڪلاڪ، پريالوءِ ۾ 16 ڪلاڪ ۽ ٻھارا شھر ۾ بجلي 7 ڪلاڪ بند رهي ٿي. بوزدار وڏا، ٽالپر وڏا، بگودڙو، ٽالپر ننڍا، ڳوٺ ڪنڊل ڏهر ۾ 20 ڪلاڪ، سيٺارجا ۾ 18 ڪلاڪ، محرابپور 16 کان 18 ڪلاڪ، سيراڻي ۾ 19 ڪلاڪ، مدئجي ۾ 12 ڪلاڪ ۽ ٻھراڙي ۾  18 ڪلاڪ، رتوديرو شھر 12 کان چوڏھن ڪلاڪ ۽  ٻھراڙين جي فيڊر تي 22 ڪلاڪ، جيڪب آباد شهر ۾ 10 کان 14 ڪلاڪ، ٻهراڙين ۾ 18 ڪلاڪ، قصبو ، ميان صاحب 18 ڪلاڪ، ڳيريلو 20 ڪلاڪ، اڏيرولال اسٽيشن  20 ڪلاڪ، ھنڱورجا 17 ڪلاڪ، ڄام صاحب ،  کيبر، گولاڙچي ۽ ترائي ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد لغاري لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جو اعلان ڪندي ڊسڪوز کان شيڊيول طلب ڪري ورتو آهي سندس چوڻ آهي ته  رات کان بجلي جي فراهمي بهتر ٿي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سبب عارضي آهي، شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ هڪجهڙي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، صنعتي شعبي لاءِ به لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهيون، اويس لغاري چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته پيڪ آورز ۾ ئي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي، ڊسٽري بيوشن ڪمپنيز کي هدايت ڪئي آهي ته لوڊشيڊنگ جو شيڊول ٺاهي ڏين، هن اپريل مهيني جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته هلندڙ مهيني پهرين 15 ڏينهن ۾ 9 هزار ميگاوٽ گهرج کي منهن ڏنو، 15 اپريل کان 20 هزار ميگاواٽ طلب سامهون آئي. هن چيو ته وڇ اوڀر صورتحال سبب سمورن  ايل اين جي پلانٽس کي گيس فراهمي بند آهي، شارٽ فال 4 هزار ميگاواٽ ٿي ويو آهي. عالمي صورتحال سبب هنگامي حالت ۾ آهيون۔ اسان کي بجلي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻي پوندي ته جيئن رات جي وقت بجلي گهٽ کان گهٽ بند ڪئي وڃي.