| حڪومتي قدمن سبب مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي: احسن اقبال |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪاميٽي جو هفتيوار اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته عالمي دٻاءُ باوجود ملڪ ۾ ڀاڻ جون قيمتون برقرار رهڻ سٺو عمل آهي، حڪومتي قدمن سبب مهانگائي ۾ آهستي آهستي لاٿ اچي رهي آهي. اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافو نه ٿيو آهي. مرغي جون قيمتون جنگ کان اڳ واري سطح تي اچي ويون آهن. پولٽري شعبي ۾ قيمتن جي استحڪام لاءِ ڪولڊ چين انفراسٽرڪچر جو قيام لازمي آهي، ڪولڊ چين بابت تجويزون پنجن ڏينهن ۾ تيار ڪيون وڃن، هن چيو ته قيمتن جي استحڪام لاءِ سڀئي صوبائي ۽ وفاقي ادارا چوڪس رهن.