حڪومتي ميمبر مهانگائي سٽيل غريبن لاءِ آپگھات جو قانوني طريقو گھري ورتو

آگسٽ 2, 2023

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبر شيخ فياض الدين سوال اٿاريندي چيو ته غربت بدران غريب ختم ٿي رهيو آهي

 وڌندڙ مهانگائي سبب غريبن لاءِ قانوني آپگهات جو طريقو ٻڌايو. قومي اسيمبلي ۾ اهم قانون سازي جو عمل ڪالهه به جاري رهيو، ايوان اڄ پيمرا ۽ پريس ڪائونسل ترميمي بل سميت ٻيا بل منظور ڪري ورتا

حڪومتي ميمبر شيخ فياض الدين سوالن جي وقفي ۾ انوکو سوال پڇندي چيو ته غربت بدران غريب ختم ٿي رهيو آهي، وڌندڙ مهانگائي سبب غريبن لاءِ قانوني آپگهات جو طريقو ٻڌايو

سندس سوال تي قانون بابت مملڪتي وزير شهادت اعواڻ آپگهات کي حرام قرار ڏنو ۽ چيو ته هاڻ وقت گذري ويو آهي

Leave A Comment