لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)حڪومتي ٽيم زمان پارڪ ۾ عمران خان سان ملاقات بعد واپس رواني ٿي وئي جڏهن ته سرچ آپريشن وارا افواهه رد ڪيا ويا آهن
ڪمشنر لاهور جي سربراهي ۾ جُڙيل ٽيم ۽ عمران خان وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي، حڪومتي ٽيم ۾ ڊي سي لاهور، آءِ جي ۽ ايس ايس پي آپريشنز شامل هئا، ٽيم ميڊيا جي نمائندن جا سوال جواب ڏيڻ بنا واپس هلي وئي
ٻئي طرف پنجاب سرڪار عمران خان جي گهر جِي جهڙتي کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪومتي ٽيم عمران خان جي گهر ۾ جهڙتي لاءِ ايس او پيز طئه ڪرڻ وئي هئي، عمران خان جي گهر جي جهڙتي واريون دعوائون بي بنياد آهن
ذريعن موجب عمران خان جي ليگل ٽيم سرچ وارنٽ ڏسي جهڙتي جي اجازت ڏني هئي، عمران خان جي گهر ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن
هوڏانهن لاهور پوليس پاران زمان پارڪ مان ٻاهر نڪرندڙ وڌيڪ 6 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گرفتار ڪيل ماڻهن جو انگ 14 ٿي ويو
پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ 4 دهشتگرد عسڪري ٽاور ۽ 2 ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي ۾ ملوث آهن