| حڪومتي ڌر اسان کي گھرائي ڳالهيون ڪيون: رستماڻي |
مورو: مورو ۾ 20 مئي جي اسيرن جي آزاديءَ لاءِ مسلسل 35 ڏينھن پريس ڪلب اڳيان احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محسن علي رستماڻي چيو آھي ته 20 مئي جي اسيرن جي وارثن مسلسل 35 ڏينھن احتجاج جاري رکيو، جنھن کانپوءِ حڪومتي ڌر اسان کي گھرائي، ڳالھيون ڪري مسئلي کي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ھئي. ھن چيو ته اسان گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، سردار خان محمد ڏاھري، لنجار ھائوس جي ڪوآرڊينٽر احمد نواز بھڻ جا ٿورائتا آھيون ،جن معاملي کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، اميد آھي ته اسان جا اسير آزاد ٿي گھر پھچندا.