حڪومت آءِ ايم ايف ڊيل ۾ ناڪام وئي، تيل اگهن ۾ واڌ خلاف پي ٽي آءِ پاران اي پي سي جو اعلان

حڪومت آءِ ايم ايف ڊيل ۾ ناڪام وئي، تيل اگهن ۾ واڌ خلاف پي ٽي آءِ پاران اي پي سي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف پيٽروليم قيمتن ۾ ظالماڻي واڌ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان کي عوام تي معاشي ايٽم بم قرار ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيو آهي ته اسان هن ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيٺا آهيون، تيل اگهن خلاف هر سطح تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. حڪومت کي عوام جي ڀلائي سان ڪو واسطو ناهي، جيڪڏهن فڪر آهي ته صرف پنهنجي عياشين، پروٽوڪول ۽ شاهانه خرچن جو فڪر آهي. پي ٽي آءِ چيو ته حڪومت جي نااهلي، آءِ ايم ايف سان ناڪام ڳالهيون ۽ غلامي وارين پاليسين جو بار سڌو سنئون عوام تي وڌو ويو آهي، رڪشو هجي، بس هجي يا ڪو ٻيو ذريعو، هر پاسي عوام جو استحصال ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ چيو ته 2022 ۾ جڏهن عمران خان جي حڪومت کي سازش تحت هٽايو ويو ته ان وقت پيٽرول جي قيمت 150 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 144 رپيا هئي، ان حساب سان 2022 کان هينئر تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 308 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل ۾ 376 رپيا في ليٽر واڌ ٿي چڪي آهي، اڄ 458 رپيا پيٽرول ۽ 520 رپيا ڊيزل زندگي جي هر شعبي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. هي آهي هن تجربيڪار ٽيم جو ڪارنامو. ايندڙ ڏينهن ۾ هي نااهل فارم 47 جي مڙهيل حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ وڌائيندي.پي ٽي آءِ حڪومت کان استعيفا جو مطالبو ڪيو.جڏهن ته پي ٽي آءِ اپويشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو به اعلان ڪيو، اي پي سي آچر تي لاهور ۾ ٿيندي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر تيل اگهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومت آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، هن چيو ته ڪي پي ۾ 14 لک موٽرسائيڪل ۽ ملڪ ۾ 2.5 ملين موٽرسائيڪلون آهن، حڪومت عوام سان دوکو ڪيو آهي، ڪرپشن جو نئون دروازو کوليو آهي. تيمور سليم جهگڙا چيو ته پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان وزيراعظم پاڻ ڪري ٿو ۽ اگهه وڌڻ مهل پاڻ لڪي وزيرن کي اڳيان آڻي ٿو، ٻين ملڪن ۾ تيل جون قيمتون گهٽ آهن.