حڪومت اهڙيون پاليسيون ٿي ٺاهي ڄڻ وٽس 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت آهي، هڪطرفا فيصلا نه هلندا: بلاول

جنوري 24, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت اهڙيون پاليسيون ٿي ٺاهي ڄڻ هن وٽ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت آهي، جڏهن هڪ طرفا فيصلا ڪيا ويندا آهن ته انهن تي عمل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، اتفاق راءِ بنا ٿيندڙ  فيصلاحالتن کي خراب ڪن ٿا، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده حالتن ۾ حڪومت پاڻ لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت اتحادين سان صلاح مشورو ڪري ها ته شايد پاليسيون ڪاميابي سان هلن ها، افسوس آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ سياست اشوز جي بنياد تي نه پئي ڪئي وڃي، سياسي ڪارڪن حڪومت ۽ ميڊيا کي مجبور ڪن ته ڪنهن کي ٻڌڻ يا ڇڏڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي، جيڪي فيصلا گڏيل راءِ سان ٿيندا آهن انهن تي عمل ڪرڻ آسان هوندو آهي، بلاول چيو ته ارڙهين ترميم اتفاق راءِ سان ٺاهي وئي هئي، اڄ تائين ان سان ڪوبه هٿ چراند ناهي ڪري سگهيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جي مزدورن کي حق ڏنا ويا، اسان ضياءُ ۽ مشرف دور ۾ مزدورن خلاف سازشون ناڪام بڻايون، پ پ مزدورن لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي، سنڌ سڀ کان پهرين ليبر پاليسي ڏني.

 

Leave A Comment