حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪا ڇيڙڇاڙ نه ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

  حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪا ڇيڙڇاڙ نه ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اعتراض کان پوءِ، حڪومت اشارو ڏنو آهي ته اها 27 هين ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ سان ڪا به ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ويندي. سرڪاري ذريعن موجب قانون واري وزارت 27 هين آئيني ترميم جو شروعاتي مسودو تيار ڪيو ويو آهي. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، قانون واري وزير بئريسٽر عقيل ۽ سيڪريٽري قانون تي مشتمل ٽيم مسودو تيار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميم جي گهڻن نقطن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، هڪ يا ٻن نقطن تي سياسي پارٽين ۾ صلاح مشورا جاري آهن. حڪومت پيپلز پارٽي کي اشارو ڏنو آهي ته اها 27 هين ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ سان ڪا به ڇيڙڇاڙ نه ڪندي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي گرين سگنل کان پوءِ 27 هين آئيني ترميم جي مسودي کي آخري شڪل ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ 27 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏيندي. پيپلز پارٽي جون تجويزون به آخري مسودي ۾ شامل ڪيون وينديون. ڇنڇر تي سينيٽ جو اجلاس منعقد ڪرڻ اڳواٽ تيارين جو حصو آهي. حڪومتي ذريعن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي سان معاملا طئي ٿي وڃن ته ڇنڇر تي سينيٽ ۾ آئيني ترميم پيش ڪرڻ جو آپشن موجود آهي.