حڪومت – اپوزيشن ۾ ٽياڪڙي جي آڇ: بلوچستان ۽ ڪي پي تي ڌيان ڏيو، تنگ نظر سياست ڇڏيو: بلاول

مارچ 25, 2025

لاهور(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي امن امان تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ قومي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور ۾ گورنر هائوس پنجاب ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم ۽ سڀني جماعتن کي دهشتگردن سان مقابلي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. هن چيو ته سڀني جماعتن کي ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻو پوندو، اپوزيشن کي سياست ڪرڻي آهي ته عوامي ايشوز تي ڳالهائي، ڇو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ملڪي مفادن لاءِ اجتماعي فيصلا ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته اسان کي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته قومي مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ اڻٽر ٿي ويو آهي، سمورين پارٽين کي ذاتي مسئلن بدران ملڪ ۽ قوم لاءِ گڏ ٿيڻ پوندو، ملڪ ۾ دهشتگردي عروج تي آهي ۽ سياست ڏڦيڙ جو شڪار آهي، قوم ۽ سمورين پارٽين کي دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، غربت ۽ بيروزگاري سبب پريشان عوام سياستدانن ڏانهن ڏسي رهيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم کي چيو آهي ته سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ پ پ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿي اهو ڪندي، وزيراعظم مهيني بعد ئي هڪ سلامتي ڪاميٽي اجلاس ٻيهر گهرائي، جيڪي پارٽيون نه آيون هيون انهن کي قائل ڪيو وڃي. بلاول چيو ته پ پ نه حڪومت ۾ آهي نه ئي اپوزيشن ۾، اسان حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي سان ڳالهين جي پوزيشن ۾ آهيون، ڪوشش ڪري سگهون ٿا ته اجتماعي فيصلا ڪجن، اپوزيشن ليڊر کي به چيو آهي ته تنگ نظر سياست ڇڏي پاڪستان جي عوام جي باري ۾ سوچيو.

Leave A Comment