ڪراچي(رپورٽرز) بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلز خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، سموري ملڪ ۾ عوام سراپا احتجاج، ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتال، مظاهرا ۽ ڌرڻا، بجلي جا بل ساڙيا ويا
بجلي بلن خلاف سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چوٿين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، مختلف شهرن ۾ بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏنيون ويون
حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهر جون مک مارڪيٽون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار بند رکيا ويا، ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول پمپس به بند پيل آهن
شٽربند هڙتال سبب شهر ۾ ٽريفڪ به معمول کان گهٽ هلڻ لڳي آهي، ريشم بازار ايسوسيئيشن جي سڏ تي واپارين ۽ شهرين جو ڪوهه نور چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته بجلي مهانگي ڪرڻ ۽ ڳرا بل اماڻڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي
سانگهڙ ۾ جماعت اسلامي ۽ ايس ٽي پي جي سڏ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي شهرين بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو
ڪنري ۾ به بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلن خلاف واپاري ۽ شهري رستن تي نڪري آيا، الله واري چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي بجليءَ جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس نامنظور جا نعرا هنيا ويا
اڄ صبح به پنجاب جي ڪيترن ئي شهرين پاران هڙتال ڪئي وئي آهي، بهاولپور ۾ مظاهرين سنڌ پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو
لاهور جي عوام به روڊن تي نڪري آئي، شاهده جي رهواسين بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. مظاهرين مهانگي بجلي ڏيڻ تي حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي
رسالپور ۾ عوام بجلي جي ڳرن بلن خلاف سراپا احتجاج آهن. عوام مردان، نوشهره، جي ي روڊ مڪمل طور تي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو. بجلي جي بلن خلاف واپارين دوڪانون بند ڪري ڇڏيون مڇريل مظاهرين واپڊا، پيسڪو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي
مظاهرين چيو ته بجلي جي ڳرن بلن عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. حڪومت بجلي جي بلن مان ٽيڪس ڪٽوتيون ختم ڪري ريليف نه ڏنو ويو ته ملڪگير احتجاج ڪيو ويندو
فيصل آباد ۾ به بجلي جي بلن خلاف شهرين شيخو پوره روڊ تي احتجاج ڪندي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي فيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جڏهن پنجاب جي مختلف شهرن، صادق آباد، حجره شاهه مقيم، اوڪاڙه، قصور، مالاڪنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي
بهاولپور ۾ مظاهرين سنڌ-پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏي، ڪوٽلي ۾ بيبڊ باجا وڄائي احتجاج ڪيو ويو، لائن آف ڪنٽرول تي بجلي جي بلن کي باهه ڏني وئي، خانيوال ۾ وڪيل سراپا احتجاج بڻجي ويا
بلوچستان جي ڪوئيٽا، قلات ۽ مستونگ سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ مظاهرا ڪري شهرين بجلي جا بل ساڙي ڇڏيا، پشاور جا واپاري ڪاروبار بند ڪري رستن تي نڪري ِآيا، مظاهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار رپيا بل اچي رهيو آهي
هوڏانهن ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران بجلي اگهن ۾ اضافي خلاف فائيو اسٽار چورنگي تي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف شهري سراپا احتجاج آهن، ڪراچي واسين لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، بجلي اگهن ۾ اضافو قبول نه ڪنداسين